اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز شديد ٿڌ جي موسم ۽ گيس جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي گيس فراهمي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سوئي ناردرن گيس پائيپ لائنز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل)، سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) ۽ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي سينيئر عملدارن سان رٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي …
پيٽروليم واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ گيس فراهمي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد
اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي)پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز شديد ٿڌ جي موسم ۽ گيس جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي گيس فراهمي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سوئي ناردرن گيس پائيپ لائنز لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل)، سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) ۽ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي سينيئر عملدارن سان رٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان وفاقي وزير گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي جي درپيش مسئلن جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي سوئي گيس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته هو خاص ڪري سردين جي موسم دوران گهريلو صارفين کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ فوري ۽ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. هن واضح ڪيو ته گهريلو صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته وقت سر ۽ مؤثر فيصلن کي يقيني بڻائڻ لاءِ گيس جي طلب ۽ رسد بابت هفتيوار رپورٽس پيٽروليم ڊويزن کي پيش ڪيون وڃن ۽ روزانو جي بنياد تي آپريشنل سطح تي نگراني جاري رکي وڃي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته گيس جي فراهمي جي گذريل 24 ڪلاڪن جي مڪمل صورتحال تي ٻَڌل تفصيلي رپورٽ روزانو صبح جو 10 وڳي پيٽروليم ڊويزن کي پيش ڪئي پئي وڃي ته جيئن فوري سڌارا يقيني بڻائي سگهجن. اجلاس دوران سوئي ناردرن گيس پائيپ لائنز لميٽيڊ جي ايم ڊي موجوده گيس دستيابيءَ کي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته 6 جنوريءَ کان گيس جي فراهمي 691 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌائي 746 ايم ايم سي ايف ڊي ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته شيوا گيس فيلڊ مان پيداوار 55 ايم ايم سي ايف ڊي کان وڌائي 65 ايم ايم سي ايف ڊي ڪئي وئي آهي جنهن سان گيس جي فراهميءَ ۾ بهتري آئي آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گهريلو صارفين تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ۽ هدايت ڪئي ته سردي جي ان اهم دؤر ۾ جيترو ممڪن ٿئي صنعتي شعبي کان گهريلو شعبي کي اضافي گيس منتقل ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي. سوئي سدرن گيس ڪمپني جي ايم ڊي اجلاس کي ٻُڌايو ته ٻن گيس فيلڊز مان سپلاءِ بحال ٿيڻ کانپوءِ گيس جي فراهمي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن ٻُڌايو ته گذريل سال جي ان مُدي جي ڀيٽ ۾ گهريلو صارفين کي 39 ايم ايم سي ايف ڊي واڌو گيس فراهم ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻُڌايو ته گهريلو ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ صنعتي شعبي کي هفتيوار گيس جي فراهميءَ ۾ هڪ ڏينهن بدران 2 ڏينهن بندش جي امڪانن تي صنعتي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت جاري آهي. وفاقي وزير عزم کي ورجايو ته حڪومت صورتحال تي گهري نظر رکي رهي آهي ۽ ٿڌ جي موسم دوران گيس جي فراهمي جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ صارف دوست ۽ فيصلائتا قدم جاري رکيا ويندا.












