وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي نائب وزير سن هائي يان جي ملاقات، وزيراعظم جي چين پاران فراخدلاڻي معاونت جي آجيان، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور

اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ چين جي فراخدلاڻي معاونت خاص طور تي سي پيڪ تحت تعاون کي ساراهيندي ان جي اڳئين مرحلي تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي (آءِ ڊي سي پي سي) جي نائب وزير سن هائي يان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس …

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ چين جي فراخدلاڻي معاونت خاص طور تي سي پيڪ تحت تعاون کي ساراهيندي ان جي اڳئين مرحلي تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي (آءِ ڊي سي پي سي) جي نائب وزير سن هائي يان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خاص معاون سيد طارق فاطمي، چين جي لاءِ وزيراعظم جو خاص نمائندو ظفرالدين محمود ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم معزز چيني مهمان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته هي دورو ان لحاظ کان انتهائي اهم آهي ته ٻئي ملڪ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته هن سال جي شروعات پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي بيجنگ جي ڪامياب دوري سان ٿي جنهن کانپوءِ گهرو وزير شنگهائي جو دورو ڪيو جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو چين جو دورو متوقع آهي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چين سان پاڪستان جي فولاد وانگر مضبوط اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي توثيق ڪندي چيو ته اهو تعلق هر حالت ۾ مضبوط رهندو. وزيراعظم ”هڪ چين“ پاليسي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اقتصادي حصيداري جي حوالي سان پاڪستان جي لاءِ چين جي فراخدلاڻي معاونت خاص طور تي سي پيڪ تحت تعاون کي ساراهيو ۽ سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي وقت سر لاڳو جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر شي جن پنگ کي هن سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو ڇو ته هي سال ٻنهي ملڪن جي لاءِ خصوصي اهميت ۽ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. چيني نائب وزير سن هائي يان وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته چين پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي مدي واري ۽ آزمايل لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سياسي استحڪام آڻڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چيني قوم پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين تي فخر ڪري ٿي. هن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا پاڪستان جي مختلف سياسي پارٽين سان بهتري لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هن بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ سياسي قوتن کي متحد ڪرڻ ۾ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي پڻ ساراهيو. چيني نائب وزير پارٽي سطح تي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي بين الپارٽي طريقيڪار جي ذريعي پاڪستان جي سياسي پارٽين سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عزم ۽ پختي ارادي جو اظهار ڪيو.