اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي نائب وزير سن هائيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي نائب وزير سن هائيان جي ملاقات
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي نائب وزير سن هائيان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي پاران هلندڙ مهيني چين ۾ پاڪستان – چين سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تقريبن جي شروعات جي آجيان ڪندي ٻنهي پاران ان تاريخي سنگ ميل کي پورو سال يادگاري ۽ بامعنيٰ تقريبن جي ذريعي ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڌرين اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي رفتار برقرار رکڻ، پارٽي سطح تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ثقافتي تعاون جي فروغ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو جن ۾ تعليمي رابطا، نوجوانن جي مٽاسٽا ۽ ثقافتي سرگرميون شامل آهن ته جيئن گڏيل افهام تفهيم کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهجي.












