وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ورلڊ ڊائيلاگ فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر غضنفر هاشمي جي ملاقات

اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ورلڊ ڊائيلاگ فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر غضنفر هاشمي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب غضنفر هاشمي وقتي صدر کي ورلڊ ڊائيلاگ فورم جي مقصدن ۽ سرگرمين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فورم جي چوٿين سالياني عالمي ڪانفرنس هلندڙ سال اپريل ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد …

اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ورلڊ ڊائيلاگ فورم جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر غضنفر هاشمي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب غضنفر هاشمي وقتي صدر کي ورلڊ ڊائيلاگ فورم جي مقصدن ۽ سرگرمين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته فورم جي چوٿين سالياني عالمي ڪانفرنس هلندڙ سال اپريل ۾ واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد ٿيندي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ پارلياماني تعاون، واپار، معاشي رابطن سميت پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ وسيع تر ٻطرفي لاڳاپن تي ڌيان ڏنو ويندو. هن وقتي صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني عالمي مڪالمي، گڏيل مفاهمت ۽ عالمي تعاون جي فروغ ۾ فورم جي ڪردار کي ساراهيو.