منامه - 15 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري منامه ۾ بحرين نيشنل ميوزيم ۽ پرل ميوزيم جو دورو ڪيو. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ بحرين جي هائوسنگ اينڊ اربن پلاننگ واري وزير آمنه بنت احمد الروميحي پڻ هئي. ميوزيم اچڻ تي خاتون اول جو استقبال ميوزيمز اينڊ ڪلچرل جي ڊائريڪٽر جنرل فرح محمد مطر ۽ ڊائريڪٽر …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران منامه ۾ بحرين نيشنل ميوزيم ۽ پرل ميوزيم جو دورو
منامه – 15 جنوري (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري منامه ۾ بحرين نيشنل ميوزيم ۽ پرل ميوزيم جو دورو ڪيو. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ بحرين جي هائوسنگ اينڊ اربن پلاننگ واري وزير آمنه بنت احمد الروميحي پڻ هئي. ميوزيم اچڻ تي خاتون اول جو استقبال ميوزيمز اينڊ ڪلچرل جي ڊائريڪٽر جنرل فرح محمد مطر ۽ ڊائريڪٽر ڪميونيڪشنز اينڊ پارٽنرشپس هاني علي بهزاد ڪيو. دوري دوران بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي ٻنهي عجائب گهرن جو دورو ڪرايو ويو، جتي بحرين جي ڀرپور ثقافتي ورثي ۽ تهذيبي عظمت کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ويو آهي. هن شاندار مهمان نوازي ۽ بحرين جي ثقافتي ۽ تاريخي خزانن کي ويجهو کان ڏسڻ جي موقعي تي دلي خوشي جو اظهار ڪيو. هن قومي ورثي جي تحفظ ۽ تاريخ جي حفاظت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهو سڃاڻپ، اتحاد ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ تحريڪ جو اهم ذريعو آهي. خاتون اول ثقافتي سفارتڪاري، عجائب گهرن جي وچ ۾ حصيداري، تعليمي مٽاسٽا ۽ آثار قديمه جي تحفظ جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تعاون جي وسيع امڪانن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ شاندار تهذيبي ورثو رکندڙ آهن، جن ۾ پاڪستان جي واديءَ سنڌ جي تهذيب ۽ بحرين جي آثار قديمه تي ٻڌل وراثت خاص طور تي دلمون تهذيب شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ثقافتي ورثي جي تحفظ ۾ ويجهو تعاون ٻنهي قومن جي وچ ۾ عوامي رابطن ۽ گڏيل فهم کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهي ٿو.












