رياض ۾ طويق اسڪلپچر سيمپوزيم جي شروعات، 18 ملڪن جا 25 فنڪار شريڪ

رياض - 14 جنوري (اي پي پي) رياض رائل ڪميشن اينڊ رياض آرٽ پروگرام تحت طويق اسڪلپچر سيمپوزيم جي ستين ايڊيشن جي شروعات ٿي وئي، جيڪو 22 فيبروري تائين جاري رھندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق رياض جي تحليه اسٽريٽ تي ”ٽريسز آف واٽ ول بي“ جي موضوع هيٺ منعقد ٿيل سيمپوزيم ۾ 18 ملڪن جا 25 آرٽسٽ شريڪ آھن، جڏھن ته سيمپوزيم ۾ سعودي عرب مان 2 فنڪار شامل آھن. ھلندڙ …

رياض – 14 جنوري (اي پي پي) رياض رائل ڪميشن اينڊ رياض آرٽ پروگرام تحت طويق اسڪلپچر سيمپوزيم جي ستين ايڊيشن جي شروعات ٿي وئي، جيڪو 22 فيبروري تائين جاري رھندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق رياض جي تحليه اسٽريٽ تي ”ٽريسز آف واٽ ول بي“ جي موضوع هيٺ منعقد ٿيل سيمپوزيم ۾ 18 ملڪن جا 25 آرٽسٽ شريڪ آھن، جڏھن ته سيمپوزيم ۾ سعودي عرب مان 2 فنڪار شامل آھن. ھلندڙ سال جي ايڊيشن ۾ مجسما سازي کي ٻن مرحلن ۾ ورھايو ويو آھي. تيار ڪيل فن پارن کي رياض آرٽ جي مستقل ڪليڪشن جو حصو بڻايو ويندو ۽ انهن کي شھر جي اھم ھنڌن تي نصب ڪيو ويندو. ياد رھي ته طويق مجسما سازي جي ستين ايڊيشن لاءِ 590 فنڪارن شرڪت لاءِ درخواست ڏني، جڏھن ته ان ۾ فن جي ماھرن ۽ ججن جو پينل 25 ماڻھن تي ٻڌل آھي. 2019ع ۾ شروع ٿيل طويق سيمپوزيم ھن وقت تائين 150 کان وڌيڪ فنڪارن جي ميزباني ڪئي آھي.

مزید خبریں