ڪراچي-13 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي بلدياتي، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پوري ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ترقياتي رٿائون شروع ڪيون پيون وڃن. انهن رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ نمايان سڌارو ايندو، رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ انهن ترقياتي رٿائن جي نگراني ڪري …
ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ترقياتي رٿائون شروع ڪيون پيون وڃن، انهن رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ نمايان سڌارو ايندو: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه
ڪراچي-13 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي بلدياتي، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پوري ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري لاءِ ترقياتي رٿائون شروع ڪيون پيون وڃن. انهن رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان شهر ۾ نمايان سڌارو ايندو، رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ انهن ترقياتي رٿائن جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن اها ڳالهه ڪورنگي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن (ٽي ايم سي) ۽ نادرا وچ ۾ معاهدي جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٽي ايم سي ڪورنگي ۽ نادرا وچ ۾ ٿيل معاهدي سان لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا. تقريب ۾ جماعت اسلامي، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي پارٽين جي نمائندن جي شرڪت سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت انڊس اسپتال کي هر سال اربين رپين جي گرانٽ فراهم ڪري ٿي، جنهن مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪورنگي جو عوام حاصل ڪري ٿو. صوبائي وزير چيو ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير کي سنڌ ۾ مڪمل پروٽوڪول ڏنو ويو، پر پي ٽي آءِ سنڌ جي مهمان نوازي جو ناجائز فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. صوبائي حڪومت پنهنجي وقت سر قدمن سان 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ نه ڏني.











