ڪراچي-13 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 116 تحت سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گورنر جي منظوري کانپوءِ ڄاڻايل ترميمي بل فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي. ترميمي قانون تحت سنڌ صوبي ۾ شهري تحفظ، نگراني، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ امن امان جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بڻايو ويندو. سنڌ …
سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 116 تحت سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪراچي-13 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 116 تحت سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي (ترميمي) بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. گورنر جي منظوري کانپوءِ ڄاڻايل ترميمي بل فوري طور تي لاڳو ٿي ويو آهي. ترميمي قانون تحت سنڌ صوبي ۾ شهري تحفظ، نگراني، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ امن امان جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو ۽ مضبوط بڻايو ويندو. سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي جي دائري ۾ توسيع وسيلي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ، وقت سر نگراني ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. گورنر ڪامران خان ٽيسوري ان موقعي تي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي کي جديد گهرجن پٽاندڙ ڪرڻ سان امن امان جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.











