آمريڪا پاران پنهنجي شهرين کي فوري طور تي ايران ڇڏڻ جي هدايت

واشنگٽن -13 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي ورچوئل امبيسي ايران بابت سفري هدايتن ۾ ترميم ڪندي آمريڪي شهرين تي زور ڀريو آهي، ته هو ايران ۾ جاري بدامني کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي ملڪ ڇڏي وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب ورچوئل امبيسي پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته آمريڪي شهري انٽرنيٽ جي مسلسل بندش جي اميد رکن ۽ رابطي جي متبادل ذريعن جي منصوبابندي ڪن ۽ …

واشنگٽن -13 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي ورچوئل امبيسي ايران بابت سفري هدايتن ۾ ترميم ڪندي آمريڪي شهرين تي زور ڀريو آهي، ته هو ايران ۾ جاري بدامني کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي ملڪ ڇڏي وڃن. پرڏيهي ميڊيا موجب ورچوئل امبيسي پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته آمريڪي شهري انٽرنيٽ جي مسلسل بندش جي اميد رکن ۽ رابطي جي متبادل ذريعن جي منصوبابندي ڪن ۽ جيڪڏهن محفوظ هجي ته زميني رستي کان آرمينيا  يا ترڪيه ذريعي ايران مان نڪرڻ تي غور ڪن.  بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا ايران ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهن کي ايراني پاسپورٽ تي ئي ايران مان نڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ايران جي حڪومت ٻٽي شهريت کي تسليم نٿي ڪري. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ايران ۾ آمريڪي شهرين کي تفتيش، گرفتاري يا حراست ۾ وٺڻ جا سنگين خطرا موجود آهن. بيان ۾ اهو به چيو ويو ته ايئر لائينز  ايران اچڻ ۽ وڃڻ  واريون اڏامون محدود يا رد ٿي ويون آهن جڏهن ته ڪجهه ايئر لائينز جمعي تائين پنهنجي سروس معطل ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتو ڊگهي عرصي کان ايران کي ليول 4 جو سفر نه ڪرڻ جي درجه بندي ڏئي چڪو آهي. ۽ خبردار ڪندو رهيو آهي ته آمريڪي شهري ڪنهن به سبب ايران جو سفر نه ڪن، جڏهن ته اتي موجود ماڻهن کي سنگين سيڪيورٽي خطرن سبب فوري طور تي ملڪ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ايران ۾ آمريڪا جو ڪو به سفارتخانو يا قونصلر موجود ناهي جڏهن ته تهران ۾ سوئٽزرلينڊ جو سفارتخانو آمريڪي مفادن جو محافظ ملڪ طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، پر اهي خدمتون محدود آهن. واضح رهي ته ڊسمبر جي آخر کان ايران جي مختلف شهرن ۾ قومي ڪرنسي جي شديد قدر ۾ گهٽتائي ۽ معاشي ڏکيائين خلاف احتجاجي مظاهرا جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين وچ ۾ چڪرين سبب فوتگين ۾ مسلسل اضافي جون رپورٽون جاري ٿي رهيون آهن.

مزید خبریں