واشنگٽن - 13 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پٽ ۽ ٽرمپ آرگنائزيشن جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ايرڪ ٽرمپ گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر جي عزم جي تائيد ڪندي چيو ته ان جو آمريڪي ڪنٽرول ۾ وڃڻ رڳو آمريڪا جي مفاد ۾ پر يورپي ملڪن ۽ سڄي دنيا جي به مفاد ۾ ھوندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايرڪ ٽرمپ چيو ته گرين لينڊ جي اسٽريٽجڪ …
گرين لينڊ جو آمريڪي ڪنٽرول رڳو آمريڪا جو نه پر سڄي اولھه جي مفاد ۾ آھي: ايرڪ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن – 13 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پٽ ۽ ٽرمپ آرگنائزيشن جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ايرڪ ٽرمپ گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر جي عزم جي تائيد ڪندي چيو ته ان جو آمريڪي ڪنٽرول ۾ وڃڻ رڳو آمريڪا جي مفاد ۾ پر يورپي ملڪن ۽ سڄي دنيا جي به مفاد ۾ ھوندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايرڪ ٽرمپ چيو ته گرين لينڊ جي اسٽريٽجڪ اھميت غير معمولي آھي، گھڻا سيڪيورٽي سبب به موجود آھن. ڪنھن خاص ملڪ جو نالو وٺڻ بنا ايرڪ ٽرمپ چيو ته وڌيڪ ماڻھو گرين لينڊ ۽ ان جي ويجھو جي علائقن کي فوجي بڻائڻ چاھين ٿا، پر اسان به اکيون بند ڪري ناهن ڇڏيون. ھن چيو ته مون کي يقين آھي منھنجو والد ڊونلڊ ٽرمپ اھو سڀ ضرور ڪندو جيڪو سندس ويجھو ضروري ھوندو.











