برلن - 13 جنوري (اي پي پي) جرمني جي پرڏيھي وزير يوھان فادفول گرين لينڊ تي آمريڪا جي امڪاني حملن جي خطرن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق پرڏيھي وزير چيو ته مان وٽ ڪو اھڙو اشارو نه آھي ته ان معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي، پر منھنجو خيال آھي ته آرڪٽڪ خطي ۾ اڀرندڙ سيڪيورٽي مسئلن کي منھن ڏيڻ ۾ اسان جو گڏيل مفاد …
جرمني گرين لينڊ تي آمريڪا جي امڪاني خطرن کي رد ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
برلن – 13 جنوري (اي پي پي) جرمني جي پرڏيھي وزير يوھان فادفول گرين لينڊ تي آمريڪا جي امڪاني حملن جي خطرن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق پرڏيھي وزير چيو ته مان وٽ ڪو اھڙو اشارو نه آھي ته ان معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي، پر منھنجو خيال آھي ته آرڪٽڪ خطي ۾ اڀرندڙ سيڪيورٽي مسئلن کي منھن ڏيڻ ۾ اسان جو گڏيل مفاد آھي، اسان اھو ئي ڪرڻ چاھيو ٿا ۽ اسان ائين ڪنداسين. ھن چيو ته نيٽو ھن وقت ان حوالي کان وڌيڪ حقيقت پسنداڻو منصوبو تيار ڪري رھيو آھي، ان تي بعد ۾ اسان آمريڪي شراڪتدارن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين.











