رياض-13 جنوري(اي پي پي)ٽرمپ آرگنائزيشن جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ واپاري ايرڪ ٽرمپ سعودي عرب جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ کولڻ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ اربين ڊالرن جي اضافي سيڙپڪاري سعودي عرب ۾ ايندي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض ۾ جاري تازن ترقياتي منصوبن خاص طور تي الدرعيه ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيندي هن چيو ته سعودي عرب ۾ …
سعودي اسٽاڪ مارڪيٽ جا سڌارا اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري آڻيندا: ٽرمپ آرگنائزيشن جو ايگزيڪيوٽو نائب صدر

مزید خبریں
رياض-13 جنوري(اي پي پي)ٽرمپ آرگنائزيشن جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر ۽ واپاري ايرڪ ٽرمپ سعودي عرب جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي غير ملڪي سيڙپڪارن لاءِ کولڻ جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ اربين ڊالرن جي اضافي سيڙپڪاري سعودي عرب ۾ ايندي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي رياض ۾ جاري تازن ترقياتي منصوبن خاص طور تي الدرعيه ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيندي هن چيو ته سعودي عرب ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي اجازت بابت نئين قانونسازي جي نتيجي ۾ اربين ڊالرز مارڪيٽ ۾ آڻڻ جا امڪان پيدا ٿيندا. منهنجو خيال آهي ته ان سان واپار . سياحت ۽ ٻين شعن کي به فائدو ٿيندو . ايرڪ ٽرمپ چيو ته سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري جو ماحول وقت سان گڏ بهتر ٿيندو پيو وڃي ۽ سموري دنيا جا وڏا برانڊز مملڪت جي مارڪيٽ اچي رهيا آهن. ويزن 2030ع تحت معاشي واڌ جي پروگرامن ذريعي سعودي عرب جو هدف آهي ته هر سال 100 ارب ڊالرن جي سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪئي وڃي. سعودي عرب اعلان ڪيو آهي ته پهرين فيبروري 2026ع کان عالمي سطح تي سموريا پرڏيهي سعودي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندا. ان فيصلي تحت پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. جن سبب رڳو وڏا سيڙپڪار ئي سيڙپڪاري ڪري سگهندا هيا. جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ 500 ملين ڊالر جي اثاثن جي شرط ۽ سويپ معاهدي به ختم ڪيا ويا آهن سعودي عرب جي جنرل اٿارٽي پاران ڊسمبر ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب 2025 جي ٽئين ٽه ماهي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 24.9 ارب سعودي ريال تائين پهچي وئي جيڪا گذريل سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 34.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











