رامله-13 جنوري(اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي امدادي اداري انروا چيو آهي ته اسرائيل 6000 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب عدنان ابو حسنه جو چوڻ هيو ته اسرائيل اسان کي 6000 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ڪرڻ کان روڪي رهيو آهي. اهي ٽرڪون غذائي ۽ امدادي سامان کڻي بيٺال آهن جيڪي ٽن مهينن تائين سموري علائقي لاءِ ڪافي آهن. …
اسرائيل اسان کي 6000 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي: انروا

مزید خبریں
رامله-13 جنوري(اي پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي امدادي اداري انروا چيو آهي ته اسرائيل 6000 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميديا موجب عدنان ابو حسنه جو چوڻ هيو ته اسرائيل اسان کي 6000 امدادي ٽرڪون غزه ۾ داخل ڪرڻ کان روڪي رهيو آهي. اهي ٽرڪون غذائي ۽ امدادي سامان کڻي بيٺال آهن جيڪي ٽن مهينن تائين سموري علائقي لاءِ ڪافي آهن. هن خبردار ڪيو ته 37 عالمي ادارن کي ان علائقي ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي فيصلي جا سنگين نتيجا نڪرندا. هن زور ڀريو ته اسرائيل پاران انروا تي لڳايل الزام بي بنياد آهن. اسرائيل هيستائين ثابت ناهي ڪيو ته ايجنسي گڏيل قومن جي قانون جي پابندي ناهي ڪري رهي. ابو حسنه ٻڌايو ته غزه ۾ انساني حالتن ۾ حقيقي بهتري ناهي آئي. هن خبر دار ڪيو ته غزه جو صحت جو نظام هاڻي به تباهه آهي، هزارين مريض اهڙا آهن جن جو علاج هتي ممڪن ناهي.











