منيلا-13 جنوري(اي پي پي)فلپائن جي شهر سيبوسٽي ۾ ڊمپ سائيٽ ( ڪچري وارو هنڌ) ڊهي پوڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي. 25 ڄڻا لاپتا آهن جن جي ڳولا جاري آهي. پرڏيهي ميديا موجب سيبو سٽي جي ميئر ٻڌايو آهي ته سموا 18 بچي ويل ماڻهو زخمي آهن جن کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ميئر وڌيڪ ٻڌايو ته 72 ڪلاڪ گذري ويا آهن …
فلپائن جي ڊمپ سائيٽ جي ڊهي پوڻ سبب فوتين جو انگ 11 ٿي ويو

مزید خبریں
منيلا-13 جنوري(اي پي پي)فلپائن جي شهر سيبوسٽي ۾ ڊمپ سائيٽ ( ڪچري وارو هنڌ) ڊهي پوڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 11 ٿي ويو آهي. 25 ڄڻا لاپتا آهن جن جي ڳولا جاري آهي. پرڏيهي ميديا موجب سيبو سٽي جي ميئر ٻڌايو آهي ته سموا 18 بچي ويل ماڻهو زخمي آهن جن کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ميئر وڌيڪ ٻڌايو ته 72 ڪلاڪ گذري ويا آهن اسان کي اميد آهي ته ڪجهه ماڻهو زنده آهن ان ڪري ريسڪيو آپريشن جاري رکيو آهي. هن ريسڪيو ڪارروائي تي متاثر خاندانن جي تحفظ کي تسليم ڪندي چيو ته وڌيڪ خطرن کان بچڻ لاءِ آپريشن انتهائي احتياط سان ڪيو پيو وڃي. هن وضاحت ڪئي ته اها عمارت هڪ ڌاتو جو ڊهانچو آهي ان جا سمورا حصا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن اسان ان کي کڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ان ۾ ڦاٿل ماڻهو دٻجي سگهن ٿا. هن ان هنڌ تان گيس خارج ٿيڻ ۽ باهه لڳڻ جي خدشي کان به خبردار ڪيو.











