آمريڪا جي گرين لينڊ تي قبضي جي خواهش روس ۽ چين سان وڌندڙ عالمي چٽاڀيٽي جو نتيجو آهي: وائيٽ هائوس

واشنگٽن -13 جنوري (اي پي پي)وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪا گرين لينڊ کي پنهنجي عملداري ۾ آڻن جي خواهش دراصل روس ۽ چين سان وڌندڙ عالمي چٽاڀيٽي جو نتيجو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري نيوز بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خدشو آهي ته آمريڪا وقت سر قدم نه کنيو ته گرين لينڊ مستقبل ۾ روس يا چين جي اثر هيٺ اچي …

واشنگٽن -13 جنوري (اي پي پي)وائيٽ هائوس چيو آهي ته آمريڪا گرين لينڊ کي پنهنجي عملداري ۾ آڻن جي خواهش دراصل روس ۽ چين سان وڌندڙ عالمي چٽاڀيٽي جو نتيجو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري نيوز بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خدشو آهي ته آمريڪا وقت سر قدم نه کنيو ته گرين لينڊ مستقبل ۾ روس يا چين جي اثر هيٺ اچي سگهي ٿو جيڪو نه رڳو آمريڪا پر يورپ ۽ پاڻ گرين لينڊ جي مفاد ۾ به نه هوندو. هن صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي صدر ان ڳالهه تي واضح آهي ته آمريڪا گرين لينڊ کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته جئين ان کي امڪاني قبضي کان بچائي سگهجي. سندس موجب اهو ممڪن آهي ته گرين لينڊ جي بهترين مفاد ۾ اهوئي هجي ته هو آمريڪا جو حصو بڻجي وڃي.

مزید خبریں