سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر جي گورنر ھائوس ڪراچي ۾ ملاقات

ڪراچي-12 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر طارق علي خان گورنر ھائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنر سنڌ ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر کي عھدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي تعليم، …

ڪراچي-12 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر طارق علي خان گورنر ھائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنر سنڌ ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر کي عھدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل سھڪار کي ھٿي وٺرائڻ جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي تعليم، ٽيڪنالاجي،واپار ،زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر طارق علي خان گورنر سنڌ جي عوامي ڀلائي جي قدمن کي واکاڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو تھ نوجوانن کي آءِ ٽي جي بنا معاوضي تعليم جي فراھمي ھڪ قابل تقليد مثال آھي. گورنر ھائوس ۾ تعليم پرائيندڙ نوجوانن ھاءِ ڪمشنر کي آءِ ٽي تعليم ۽ دستياب سھولتن کان بھ آگاھ ڪيو.گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو تھ پاڪستان ڪينيڊا جي سيڙپڪارن لاءِ ھڪ پرڪشش ملڪ آھي، خاص ڪري کاڻين کوٽڻ ۽ معدنيات جي شعبي ۾ وڏا موقعا موجود آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪينيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برادري ٻنھي ملڪن وچ ۾ دوستي ۽ سھڪار جو مضبوط بنياد آھي. ملاقات بعد ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر گورنر ھائوس ۾ قائم ”اميد جي گھنٽي“ ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي آفيس جو دورو ڪيو. ان موقعي پاڪستان ۽ ڪينيڊا جا جھنڊا ڦڙڪايا ويا.بعد ۾ وڻڪاري مھم تحت ڪينيڊا جي ھاءِ ڪمشنر ٻوٽو لڳايو ۽ مھمانن جي ڪتاب ۾ پنھنجا تاثر قلمبند ڪيا.