خرطوم-12 جنوري (اي پي پي) سوڊان جي وزيراعظم ڪامل ادريس حڪومت پورٽ سوڊان کان گادي واري شهر خرطوم واپس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوڊان جي حڪومت ٽن سالن تائين پورٽ سوڊان ۾ ڪم ڪندي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خرطوم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامل ادريس چيو اڄ اسان واپس اچي ويا آهيون، حڪومت قومي گادي واري شهر ۾ واپس اچي وئي آهي. سوڊان جي وزيراعظم عوام کي …
سوڊان جي وزيراعظم پاران حڪومت واپس خرطوم منتقل ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
خرطوم-12 جنوري (اي پي پي) سوڊان جي وزيراعظم ڪامل ادريس حڪومت پورٽ سوڊان کان گادي واري شهر خرطوم واپس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سوڊان جي حڪومت ٽن سالن تائين پورٽ سوڊان ۾ ڪم ڪندي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خرطوم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامل ادريس چيو اڄ اسان واپس اچي ويا آهيون، حڪومت قومي گادي واري شهر ۾ واپس اچي وئي آهي. سوڊان جي وزيراعظم عوام کي خطاب ڪندي چيو ته اسان توهان سان بهتر خدمتن، بهتر صحت جي سهولتن، اسپتالن جي نئين سر تعمير، تعليمي خدمتن جي ترقي ۽ بجلي، پاڻي ۽ صفائي جي سهولتن ۾ بهتري جو واعدو ڪريون ٿا.











