ڏکڻ لبنان تي اسرائيلي حملا

بيروت-12 جنوري (اي پي پي ) اسرائيل جي فوج گذريل ڏينهن ٻيو ڀيرو ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي انهن ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، جن کي هن دهشتگرد انفراسٽرڪچر قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيلي فوج جي ترجمان سوشل ميديا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته فوج هن وقت جاري آپريشنز جي فريم ورڪ تحت ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن هنڌن …

بيروت-12 جنوري (اي پي پي ) اسرائيل جي فوج گذريل ڏينهن ٻيو ڀيرو ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي انهن ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، جن کي هن دهشتگرد انفراسٽرڪچر قرار ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق اسرائيلي فوج جي ترجمان سوشل ميديا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته فوج هن وقت جاري آپريشنز جي فريم ورڪ تحت ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن هنڌن تي حملا ڪري رهي آهي، پر هن هدف جي نوعيت يا بمباري جي نتيجن  بابت وڌيڪ تفصيل فراهم ناهن ڪيا. هن هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته فوج ڏکڻ لبنان  جي علائقي بنت جبيل ۾ حزب الله جي هڪ ڪارڪن کي نشانو بڻايو آهي. ان کان اڳ اسرائيل ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن تي هوائي حملن جو سلسلو شروع ڪيو هو، جن ۾ وادي برغز، محموديه جو علائقو، سجد ۽ عيشيه وسندين وچ ۾ جبل ريحان جي جبلن ۽ القطراني وسندي جا پسگردائي  وارا علائقا شامل آهن. اسرائيلي فوج جي ترجمان ايڪس تي هڪ پوسٽ ذريعي ڪفر حتا وسندي  جي رهواسين کي وارننگ جاري ڪئي.  هن چيو ته اسرائيلي فوج ڳوٺ ۾ حزب الله سان لاڳاپو رکندڙ فوجي انفراسٽرڪچر تي ٻيهر حملو  ڪندي ۽ پنهنجي ٽوئيٽ سان لاڳاپيل نقشي ذريعي انهن جي سمورن ٺڪاڻن جي نشاندهي ڪئي.

مزید خبریں