مڪو شريف-12 جنوري (اي پي پي )مڪو شريف بس پراجيڪٽ زائرين جي سهولت لاءِ مسجد الحرام کان حرا ثقافتي ضلعي تائين نئين روٽ جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد مذهبي ۽ ثقافتي هنڌن وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق مڪي شريف ۾ سڄي دنيا مان ايندڙ زائرين عمري جي ادائيگي کان پوءِ مقدس شهر جي اسلامي تاريخي هنڌن جي زيارت لاءِ ويندا آهن جن …
مڪه مڪرمه بس پراجيڪٽ، زائرين جي سهولت لاءِ مسجد الحرام کان حرا ثقافتي ضلعي تائين نئين روٽ جي شروعات

مزید خبریں
مڪو شريف-12 جنوري (اي پي پي )مڪو شريف بس پراجيڪٽ زائرين جي سهولت لاءِ مسجد الحرام کان حرا ثقافتي ضلعي تائين نئين روٽ جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد مذهبي ۽ ثقافتي هنڌن وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائڻ آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق مڪي شريف ۾ سڄي دنيا مان ايندڙ زائرين عمري جي ادائيگي کان پوءِ مقدس شهر جي اسلامي تاريخي هنڌن جي زيارت لاءِ ويندا آهن جن ۾ جبل النور ۽ جبل الثور سڀني کان اهم آهن. جبل النور جي چوٽي تي غار حرا واقع آهي جڏهن ته ان جي هيٺين حصي ۾ حرا ڪلچر ڊسٽرڪٽ قائم آهي، جتي خاص طور تي غار حرا جو ماڊل به ٺاهيو ويو آهي ته جيئن جيڪي زائرين جبل جي چوٽي تي نه وڃي سگهن، اهي اتي غار جو ماڊل ڏسي سگهن. مڪو شريف بس جو نئون روٽ حرا ثقافتي ڊسٽرڪٽ تائين سڌي ريت پهچ فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ قرآن ڪريم ميوزيم، غار حرا ۽ ٻيا هنڌ شامل آهن. ان ٽرانسپورٽ تحت مقدس شهر جي 12 روٽس تي بس سروس فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ 400 بسن جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. ان منصوبي جو مقصد رهواسين ۽ زائرين کي عالمي معيار جو پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم فراهم ڪرڻ آهي جيڪو سعودي ويزن جي هدفن مطابق آهي .











