اٿوپيا ۾ آفريقه جي سڀ کان وڏي عالمي هوائي اڏي جي تعمير شروع

اديس ابابا-12 جنوري (اي پي پي)اٿوپيا جي وزيراعظم آفريڪا جي سڀ کان وڏي عالمي هوائي اڏي جي تعمير شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آفريقا جو سڀ کان وڏو عالمي هوائي اڏو بڻجي ويندو. عالمي ميڊيا موجب اهو هوائي اڏو گادي واري هنڌ اديس ابابا کان 40 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي بشوفتو شهر ۾ آهي. اطلاعن موجب ان هوائي اڏي جي تعمير تي اٽڪل 12.5 …

اديس ابابا-12 جنوري (اي پي پي)اٿوپيا جي وزيراعظم آفريڪا جي سڀ کان وڏي عالمي هوائي اڏي جي تعمير شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آفريقا جو سڀ کان وڏو عالمي هوائي اڏو بڻجي ويندو. عالمي ميڊيا موجب اهو هوائي اڏو گادي واري هنڌ اديس ابابا کان 40 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي بشوفتو شهر ۾ آهي. اطلاعن موجب ان هوائي اڏي جي تعمير تي اٽڪل 12.5 ارب آمريڪي ڊالرن جي لاڳت ايندي. هوائي اڏي جي تعمير جو پهريون مرحلو چئن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ان هوائي اڏي کي ساليانو 60 ملين مسافرن کي سنڀالڻ جي صلاحيت هوندي ۽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اها گنجائش 110 ملين تائين پهچي ويندي ايٿوپيا جي ايئر لائنز موجب ان هوائي اڏي جي منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ ٻن وڏن مسافر ٽرمينلز، ٻن رن ويز، هڪ ٽارمڪ جنهن ۾ 180 جهازن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي، هڪ هوٽل، هڪ ڪارگو ٽرمينل جيڪو ساليانو 1.5 ملين ٽن ڪارگو هينڊل ڪري سگهي ٿو ۽ هوائي جهاز جي مرمت لاءِ هڪ مرڪز شامل آهي.ان کان علاوه منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ نئين هوائي اڏي کي اديس ابابا سان ملائڻ واري هڪ جديد روڊ ۽ 38 ڪلو ميٽر ڊگهي هاءِ اسپيڊ ريلوي جي تعمير به شامل آهي.

مزید خبریں