گرين لينڊ کي مستقل طور تي آمريڪا ۾ شامل ڪنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ

واشنگٽن -12 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ڊينمارڪ جي انتظام هيٺ گرين لينڊ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حاصل ڪري وٺندو.پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو چوڻ هيو ته هو گرين لينڊ لاءِ ڪنهن به قسم جي ليز يا گهڻ مدي جي انتظامن تي غور ناهي ڪري رهيو پر آمريڪا ان کي مستقل …

واشنگٽن -12 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ڊينمارڪ جي انتظام هيٺ گرين لينڊ کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حاصل ڪري وٺندو.پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ جو چوڻ هيو ته هو گرين لينڊ لاءِ ڪنهن به قسم جي ليز يا گهڻ مدي جي انتظامن تي غور ناهي ڪري رهيو پر آمريڪا ان کي مستقل طور تي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. نيٽو تي امڪاني اثرن بابت سوالن جي جواب ۾ آمريڪي صدر چيو ته ان سان نيٽو متاثر ٿئي ٿو ته ٿيندو رهي جڏهن ته سندس موجب نيٽو کي آمريڪا جي وڌيڪ ضرورت آهي، ايتري آمريڪا کي نيٽو جي ناهي.

مزید خبریں