ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ 2.3 سيڪڙو جي لاٿ، سيمي ڪنڊڪٽرز جي روانگي واپار ۾ 45.6 سيڪڙو جي نمايان واڌ

سيئول 12 جنوري(اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ هلندڙ سال جنوري جي شروعاتي 10 ڏيهن دوران ساليانو بنياد تي 2.3 سيڪڙو جي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي جڏهن ته سيمي فائنل ڪنڊڪٽرز کي پرڏيهي ملڪ اماڻڻ ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوريا ڪسٽمز سروس جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب پهرين کان 10 جنوري دوران روانگي واپار 15.55 ارب آمريڪي ڊالرز رهيو جڏهن ته گذريل سال …

سيئول 12 جنوري(اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ هلندڙ سال جنوري جي شروعاتي 10 ڏيهن دوران ساليانو بنياد تي 2.3 سيڪڙو جي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي جڏهن ته سيمي فائنل ڪنڊڪٽرز کي پرڏيهي ملڪ اماڻڻ ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوريا ڪسٽمز سروس جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب پهرين کان 10 جنوري دوران روانگي واپار 15.55 ارب آمريڪي ڊالرز رهيو جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ اهو 15.92 ارب آمريڪي ڊالر هيو. جڏهن ته روزانو سراسري طور روانگي واپار ۾ ساليانو بنياد تي 4.7 سيڪڙو اضافو رهيو ۽ اهو 2.22 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو جنهن جو سبب ڪم جي ڏينهن جي گهٽ انگ ٻڌايو ويو. ان عرصي ۾ ڪم جا ست ڏينهن رهيا جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ 7.5 ڏينهن رهيا. جڏهن ته گذريل سال ان عرصي ۾ 7.5 ڏينهن هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمدني واپار ۾ به ساليانو بنياد تي 4.5 سيڪڙو جي لاٿ رهي ۽ اها 18.21 ارب آمريڪي ڊالرز رهي جنهن جي نتيجي ۾ ان عرصي دوران 2.7 ارب آمريڪي ڊالرن جو تاريخي خسارو رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن موجب سيمي ڪنڊڪٽرز جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنياد تي 45.6 جو نمايان اضافو رهيو ۽ اهو 4.64 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو 10 ڏينهن جي عرصي دوران ملڪ جي مجموعي روانگي واپار جو 29.9 سيڪڙو بڻجي ٿو. اها شرح هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ 9.8 سيڪڙو جي پوائنٽس وڌيڪ آهي. ٻئي پاسي گاڏين جي روانگي واپار ۾ 24.7 سيڪڙو لاٿ رهي ۽ اها 1.01 ارب آمريڪي ڊالر رهي جڏهن ته سامونڊي جهازن جي فراهمي 12.7 سيڪڙو گهٽ جي 923 ملين آمريڪي ڊالرن تائين محدود رهي. اهڙي طرح فولاد جي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ به 18.7 سيڪڙو جي لاٿ ڏٺي وئي ۽ اها 976 ملين آمريڪي ڊالرز رهي . گذريل سال ڊسمبر ۾ مضبوط عالمي گهرج ، خاص طور تي سيمي ڪنڊڪٽرز سبب ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنياد تي 13.4 سيڪڙو جو اضافو رهيو ۽ اهو 69.6 ارب آمريڪي ڊالرن تائين پهچي ويو جيڪو لڳاتار 11هن مهينا ساليانو اضافي جي علامت آهي. سال 2025ع دوران ڏکڻ ڪوريا جو مجموعي روانگي واپار 709.7 ارب آمريڪي ڊالرن جي تاريخي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ ملڪ پهريون ڀيرو 700 ارب آمريڪي ڊالرن جو سنگ ميل عبور ڪيو .

مزید خبریں