چين جي صدر شي جن پنگ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوان سفير مقرر ڪري ڇڏيا

بيجنگ -12 جنوري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوان سفيرن مقرر ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا  سرڪاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته جنگ چوان کي فلپائين ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو هوانگ شي ليان جي جاءِ  وٺندو. شين بوڪو  نيڌر لينڊز ۾ سفير مقرر ٿيو آهي، جيڪو تان جيان جي …

بيجنگ -12 جنوري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فيصلي مطابق ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوان سفيرن مقرر ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا  سرڪاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته جنگ چوان کي فلپائين ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو هوانگ شي ليان جي جاءِ  وٺندو. شين بوڪو  نيڌر لينڊز ۾ سفير مقرر ٿيو آهي، جيڪو تان جيان جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو، جيانگ وي کي انٽيگو ۽ باربوڊا ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو زانگ يان لنگ جي جا ءِ تي ڪم ڪندو، لي شيانگ کي مالي ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو چن زيهونگ جي جاءِ تي ذميواريون نڀائيندو. اهڙي طرح يانگ شن کي ڪويت ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو زانگ جيان وي جي جاءِ تي ذميواريون سنڀاليندو، زايونگ کي سيراليون ۾ سفير مقرر ڪيوو يو آهي، جيڪو وانگ چنگ جي جاءِ تي ڪم ڪندو. ڪانگ يان کي سلو وينيا ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو وانگ شون چنگ جي جاءِ والاريندو، يانگ يي روئي کي جمهوريه پرتگال ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو زابين تانگ جي جاءِ تي ڪم ڪندو.  ان کان علاوه جيا گائيڊ کي سوئٽزرلينڊ ۾ گڏيل قومن جي آفيس (جنيوا) ۽ ٻين عالمي ادارن ۾ چين جو مستقل نمائندو ۽ سفير مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو چن شو جي جاءِ وٺندو.

مزید خبریں