لاڙڪاڻو-12 جنوري(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن 21 رجب المرجب تي حضرت لعل شهباز قلندر جي يومِ ولادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر رحه صوفياڻي فڪر، عشقِ الاهي ۽ انسان دوستي جي علامت آهن، حضرت لعل شهباز قلندر رحه ننڍي کنڊ جا عظيم صوفي بزرگ ۽ انسانيت جا علمبردار هئا، حضرت لعل شهباز قلندر رحه جو محبت، امن ۽ رواداري جو پيغام اسان سڀني لاءِ مشعلِ راہ آهي، لعل شهباز قلندر رحه جي تعليمات اتحاد، …
حضرت لعل شهباز قلندر رحه صوفياڻي فڪر، عشقِ الاهي ۽ انسان دوستي جي علامت آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جو پيغام
لاڙڪاڻو-12 جنوري(اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن 21 رجب المرجب تي حضرت لعل شهباز قلندر جي يومِ ولادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر رحه صوفياڻي فڪر، عشقِ الاهي ۽ انسان دوستي جي علامت آهن، حضرت لعل شهباز قلندر رحه ننڍي کنڊ جا عظيم صوفي بزرگ ۽ انسانيت جا علمبردار هئا، حضرت لعل شهباز قلندر رحه جو محبت، امن ۽ رواداري جو پيغام اسان سڀني لاءِ مشعلِ راہ آهي، لعل شهباز قلندر رحه جي تعليمات اتحاد، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو درس ڏي ٿي. حضرت لعل شهباز قلندر رحه علم، عرفان ۽ روحانيت جو روشن مينار هئا، پاڻ پنهنجي ڪردار سان ظلم، نفرت ۽ تعصب خلاف آواز بلند ڪيو. سيد مراد علي شاهه ولادت لعل شهباز قلندر جي موقعي تي سنڌ ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي.حضرت لعل شهباز قلندر رحه جو فيض اڄ به دل کي جوڙيندو آهي. سنڌ اوليائن جي ڌرتي آهي جتي انسانيت سڀ کان وڏي عبادت آهي. لعل شهباز قلندر بنا فرق جي مذهب ۽ نسل ۽ انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿي، سنڌ ڌرتي ۾ امن، محبت ۽ رواداري صدين کان زنده آهي،سنڌ جي تاريخ اوليائن جي پيغام امن ۽ گڏيل احترام جي امانت آهي. سيد مراد علي شاهه، حضرت لعل شهباز قلندر رحه جي درگاه اڄ به امن، اميد ۽ محبت جو مرڪز آهي.











