دمشق-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪا شام ۾ داعش خلاف جوابي ڪارروائين جي هڪ ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڪارروائي گذريل مهيني ٿيل ان حملي کانپوءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻه آمريڪي ترجمان مارجي ويا هئا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي فوجي جي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته وڏي پيماني تي اهو حملو آمريڪا جي شراڪتدار فورسز سان گڏجي ڪيا ويا آهن، …
آمريڪا پاران شام ۾ داعش خلاف نيون جوابي ڪارروائيون، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڳولي وٺنداسين: آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ

مزید خبریں
دمشق-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪا شام ۾ داعش خلاف جوابي ڪارروائين جي هڪ ٻئي مرحلي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڪارروائي گذريل مهيني ٿيل ان حملي کانپوءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻه آمريڪي ترجمان مارجي ويا هئا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي فوجي جي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته وڏي پيماني تي اهو حملو آمريڪا جي شراڪتدار فورسز سان گڏجي ڪيا ويا آهن، انهن حملن ۾ شام جي مختلف علائقن ۾ داعش جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جو پيغام واضح آهي، جيڪڏهن توهان اسان جي فوجين کي نقصان پهچائيندو ته اسان توهان کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڳولي وٺنداسين ۽ ماري ڇڏينداسين، پوءِ توهان انصاف کان بچڻ جي ڪيتري ئي ڪوشش ڇو نه ڪيو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ، شام جي حڪومت چيو هو ته ان جي سيڪيورٽي فورسز داعش جي ڪارروائين جي فوجي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٽرمپ انتظاميا پالميرا ۾ حملي جي جواب ۾ ان ڪارروائي کي ”آپريشن هاڪ آءِ اسٽرائيڪ“ جو نالو ڏنو آهي.











