آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وينزويلا جي تيل مان حاصل ٿيندڙ آمريڪي آمدني جي تحفظ جي هنگامي حڪمنامي تي صحيحيون

واشنگٽن-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي تيل جي تيل جي بنياد تي آمريڪا کي ٿيندڙ آمدني جي تحفظ لاءِ هڪ هنگامي حڪمنامي تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وينزويلا جي نڪولس مادورو کي سندس زال سميت گرفتار ڪرڻ جي آمريڪي صدر جي حڪم تي عمل کانپوءِ هڪ ٻي وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ نئين هنگامي حڪمنامي تي صحيهيون ڪري …

واشنگٽن-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا جي تيل جي تيل جي بنياد تي آمريڪا کي ٿيندڙ آمدني جي تحفظ لاءِ هڪ هنگامي حڪمنامي تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وينزويلا جي نڪولس مادورو کي سندس زال سميت گرفتار ڪرڻ جي آمريڪي صدر جي حڪم تي عمل کانپوءِ هڪ ٻي وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ نئين هنگامي حڪمنامي تي صحيهيون ڪري آمريڪي دولت جي تحفظ جو قدم کڻڻ جي راهه هموار ڪري ڇڏي آهي. وائٽ هائوس ان جاري حڪمنامي سان ٻيا صفحا ٻه ڳنڍيا آهن. اهو قدم صدر ٽرمپ آمريڪي تيل ڪمپنين جي انتظامي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ کنيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيل ملاقات ۾ آمريڪي تيل ڪمپني ايگزون موبل جي چيف ايگزيڪٽو جو چوڻ هو ته جيستائين سڌارا نٿا آندا وڃن وينزويلا سيڙپڪاري جي قابل حالتن وارو ملڪ ناهي. وائٽ هائوس مطابق ان حڪمنامي تحت صدر ٽرمپ وينزويلا کي آمريڪي قومي مفادن خلاف قدم کڻڻ کان روڪي رهيو آهي. ان حڪمنامي ذريعي وينزويلا کي آمريڪي تيل ڪمپنين جا وسيلا ضبط ڪرڻ کان روڪي انهن ڪوششن کان به وينزويلا کي روڪيو ويو آهي جيڪي وينزويلا جي اقتصادي ۽ سياسي استحڪام لاءِ آمريڪي ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.

مزید خبریں