اسٽاڪ هوم-11 جنوري (اي پي پي) سويڊن ۾ پناهه جي ڳولا ۾ ايندڙ ماڻهن جي انگ ۾ گذريل سال دوران 30 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا 1985ع کانپوءِ هن وقت تائين جي گهٽ ترين سطح آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سويڊن جي موجوده حڪومت سيپٽمبر ۾ ٿيل عام چونڊن کان اڳ قانونن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. سويڊن جو حڪومتي اتحاد جنهن کي اميگريشن مخالف …
سويڊن ۾ پناهه جي درخواستن ۾ غير معمولي گهٽتائي، شهريت حاصل ڪرڻ ۽ واپسي جي عمل کي وڌيڪ سخت بڻايو ويندو: اميگريشن وارو وزير

مزید خبریں
اسٽاڪ هوم-11 جنوري (اي پي پي) سويڊن ۾ پناهه جي ڳولا ۾ ايندڙ ماڻهن جي انگ ۾ گذريل سال دوران 30 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جيڪا 1985ع کانپوءِ هن وقت تائين جي گهٽ ترين سطح آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سويڊن جي موجوده حڪومت سيپٽمبر ۾ ٿيل عام چونڊن کان اڳ قانونن کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو. سويڊن جو حڪومتي اتحاد جنهن کي اميگريشن مخالف پارٽي سويڊن ڊيموڪريٽس جي حمايت حاصل آهي، 2022ع ۾ اقتدار ۾ اچن کانپوءِ پناهگيرن جي انگ ۾ گهٽتائي کي پنهنجي اهم پاليسي طور پيش ڪري رهيو آهي. حڪومت جو موقف آهي ته ملڪ ۾ گينگ وار ۽ ڏوهن جي لهر جو بنيادي سبب گذريل سوشل ڊيموڪريٽ حڪومت جون نرم پاليسيون ۽ پرڏيهين جي معاشري ۾ ضم ٿيڻ ۾ ناڪامي آهي. مائگريشن بورڊ جي انگن اکرن مطابق يوڪرين جي پناهگيرن کان علاوه سويڊن ايندڙ پرڏيهين جو ڪل انگ 2024ع ۾ 82 هزار 857 هو جيڪو 2025ع ۾ گهٽجي 79 هزار 684 رهجي ويو آهي. انهن انگن اکرن جي اهم ڳالهه اها آهي ته ڪل پرڏيهين ۾ پناهگيرن ۽ سندن خاندانن جو انگ رڳو 6 سيڪڙو رهيو جڏهن ته 2018ع ۾ اها شرح 31 سيڪڙو هئي. اميگريشن واري وزير مطابق ايندڙ سال شهريت حاصل ڪرڻ ۽ واپسي جي عمل کي وڌيڪ سخت بڻايو ويندو.











