واشنگٽن-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا تي لاڳو ڪيل ڪيتريون ئي پابنديون وڌيڪ نرم يا ختم ڪري سگهي ٿو ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ وينزويلا جي تيل جي وڪري ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته اسان ان تيل تان پابنديون هٽائي رهيا آهيون جيڪو وڪرو ڪرڻو آهي. آمريڪي ناڻي واري …
وينزويلا تي لاڳو پابنديون ايندڙ هفتي ختم ڪري سگهجن ٿيون: آمريڪي ناڻي وارو وزير

مزید خبریں
واشنگٽن-11 جنوري (اي پي پي) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا تي لاڳو ڪيل ڪيتريون ئي پابنديون وڌيڪ نرم يا ختم ڪري سگهي ٿو ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ وينزويلا جي تيل جي وڪري ۾ سهولت فراهم ڪري سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ميڊيا سان ڳالهائيندي اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته اسان ان تيل تان پابنديون هٽائي رهيا آهيون جيڪو وڪرو ڪرڻو آهي. آمريڪي ناڻي واري وزير کان جڏهن پڇيو ويو ته وڌيڪ پابنديون ڪڏهن هٽائي سگهجن ٿيون ته هن چيو ته ايندڙ هفتي جي شروع ۾ به ٿي سگهي ٿو پر هن ڪا حتمي تاريخ جي وضاحت نه ڪئي.











