رياض-10 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان يمن جي ڏکڻ واري عبوري ڪائونسل (ايس ٽي سي) کي ختم ڪرڻ جي اعلان بعد پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته اهو قدم جرئت منداڻو ۽ عوامي مفاد سان هم آهنگ آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ شهزاده خالد بن سلمان چيو ته ڏکڻ يمن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هاڻي هڪ …
يمن جي ڏکڻ واري عبوري ڪائونسل کي ختم ڪرڻ جرئت منداڻو قدم آهي: سعودي عرب جو دفاع وارو وزير

مزید خبریں
رياض-10 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان يمن جي ڏکڻ واري عبوري ڪائونسل (ايس ٽي سي) کي ختم ڪرڻ جي اعلان بعد پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته اهو قدم جرئت منداڻو ۽ عوامي مفاد سان هم آهنگ آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي بيان ۾ شهزاده خالد بن سلمان چيو ته ڏکڻ يمن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هاڻي هڪ حقيقي رستو موجود جنهن جي سرپرستي سعودي عرب ڪري رهيو آهي ۽ جنهن کي رياض ڪانفرنس ذريعي عالمي برادري جي حمايت حاصل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان عمل جو مقصد اسانجي ڏکڻ يمني ڀائرن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ آهي ته جيئن منصفاڻي حل لاءِ هڪ جامع ويزن جوڙي سگهجي، جيڪو سندن خواهشن ۽ مرضي مطابق هجي.











