رڳو ٽن سالن ۾ روبوٽ دنيا جي بهترين ميڊيڪل سرجنز کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندو، ايلون مسڪ جي دعويٰ

واشنگٽن-10 جنوري (اي پي پي) ٽيسلا جي سي اي او ۽ کرب پتي آمريڪي ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڪمپني جو انسان جهڙو روبوٽ ”آپٽيمس“ رڳو ٽن سالن ۾ دنيا جي بهترين ميڊيڪل سرجنز کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٽيسلا جي سي اي او اها دعويٰ ”مون شارٽس“ پوڊ ڪاسٽ جي ميزبان، آمريڪي ڊاڪٽر ۽ انجينيئر پيٽر ڊيامانڊس سان ڳالهه ٻولهه دوران …

واشنگٽن-10 جنوري (اي پي پي) ٽيسلا جي سي اي او ۽ کرب پتي آمريڪي ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ڪمپني جو انسان جهڙو روبوٽ ”آپٽيمس“ رڳو ٽن سالن ۾ دنيا جي بهترين ميڊيڪل سرجنز کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ٽيسلا جي سي اي او اها دعويٰ ”مون شارٽس“ پوڊ ڪاسٽ جي ميزبان، آمريڪي ڊاڪٽر ۽ انجينيئر پيٽر ڊيامانڊس سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. ايلون مسڪ چيو ته هن وقت ڊاڪٽرن ۽ بهترين سرجنز جي کوٽ آهي. هڪ سٺو ڊاڪٽر بڻجڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ٿو پر ٻئي پاسي ميديڪل جي شعبي ۾ مسلسل معلومات نئي معلومات سان تبديل ٿيندي رهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽرن لاءِ هر شي سان گڏ هلڻ ڏکيو آهي. ڊاڪٽرن وٽ محدود وقت هوندو آهي، اهي غلطيون به ڪندا آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته هن وقت دنيا ۾ موجود ماهر ترين سرجنز جو انگ ڪجهه وڌيڪ ناهي. ان سوال جي جواب ۾ ته توهان جي خيالن ۾ آپٽيمس ڪيستائين دنيا جي بهترين سرجنز کان بهتر بڻجي سگهندو، ايلون مسڪ جواب ڏنو ته ٽي سال ۽ سهي ٽي سال به وڌيڪ آهن. ممڪن آهي ته بهترين سرجن جي صلاحيت رکندڙ آپٽيمس رپبوٽس جو انگ زمين تي موجود سمورن سرجنز کان به وڌي وڃي. نيويارڪ يونيورسٽي جي گراس مين اسڪول آف ميڊيسن جي بايو ايٿڪس جي پروفيسر آرٿر ڪيپلان ٻڌايو ته ان دعويٰ جي حوالي سان ايلون مسڪ ڪجهه وڌيڪ ئي پراميد آهي ۽ وڏن آپريشنز لاءِ روبوٽس جو وسيع پيماني تي استعمال ڊگهي عرصي تائين ناممڪن رهندو.

مزید خبریں