پيرس-10 جنوري (اي پي پي) فرانس جي پرڏيهي وزير زان نوئل بارو چيو آهي ته يورپ جو سياسي نظام هڪ غير متوقع دنيا ۾ پنهنجي استحڪام، سائنسي، فني ۽ ثقافتي دولت باوجود اڄ خطري ۾ آهي ۽ اهو خطرو ان کي آمريڪا جي قومي سلامتي جي نئين حڪمت عملي سبب درپيش آهي. پرڏيهه ۾ مقرر فرانس جي سفيرن کي پنهنجي سالياني خطاب ۾ هن چيو ته ڊسمبر ۾ آمريڪي صدر …
قومي سلامتي جي نئين آمريڪي حڪمت عملي سبب يورپ جي سياسي نطام کي خطرو درپيش آهي: فرانس

مزید خبریں
پيرس-10 جنوري (اي پي پي) فرانس جي پرڏيهي وزير زان نوئل بارو چيو آهي ته يورپ جو سياسي نظام هڪ غير متوقع دنيا ۾ پنهنجي استحڪام، سائنسي، فني ۽ ثقافتي دولت باوجود اڄ خطري ۾ آهي ۽ اهو خطرو ان کي آمريڪا جي قومي سلامتي جي نئين حڪمت عملي سبب درپيش آهي. پرڏيهه ۾ مقرر فرانس جي سفيرن کي پنهنجي سالياني خطاب ۾ هن چيو ته ڊسمبر ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران جاري ڪيل آمريڪا جي قومي سلامتي حڪمت عملي يورپ تي هڪ وحشياڻو حملو ڪيو جنهن ۾ چيو ويو ته ان کي دنيا جي ٻين خطن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن سبب پنهنجي تهذيب جي خاتمي جي خطري کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته ان صورتحال باوجود يورپ تهذيبي خاتمي جي ويجهو ناهي ۽ احري دعويٰ ڪندڙ آوازن لاءِ بهتر هوندو ته اهي پنهنجي خاتمي جي خطرن تي ڌيان ڏين پر سندس خيال ۾ يورپي يونين کي خطرو پرڏيهي مخالفن کان آهي جيڪي اسان کي متحد ڪرڻ واري يڪجهتي جي رشتي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ جمهوريت جي ڪمزور پوڻ سبب خطرو آهي. هن چيو ته اڄ ان ڳالهه جي ڪا ضمانت ناهي ته اسان ايندڙ 10 سالن ۾ يورپي يونين اندر رهنداسين. هن آمريڪا کي اهڙو اتحادي قرار ڏنو جنهن سان اسان جي هميشه هڪجهڙائي ناهي ٿيندي. فرانس جي پرڏيهي وزير چيو ته نئين آمريڪي انتظاميا ڪجهه ئي مهينن ۾ فيصلو ڪيو ۽ اهو ان جو حق آهي ته هو اسان کي ڳنڍڻ وارن لاڳاپن تي نظرثاني ڪري پر پوءِ اسان جو به حق آهي ته جڏهن ڪنهن تاريخي اتحادي جي ڪا تجويز قبول جوڳي نه هجي ۽ جڏهن اسان جو انڪار ڪرڻ ضروري ٿي وڃي ته انڪار ڪري ڇڏيون ڀلي ان سان اسانجا لاڳاپا ڪيترا به تاريخي هجن.











