ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني لاڳاپيل کاتن کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته منظور ٿيل منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ، معيار جي سخت پيروي ۽ منصوبن جي تيز رفتار عملداري کي يقيني بڻايو وڃي.ڪجهه منصوبن ۾ دير ۽ لاڳت ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي وڏي وزير هدايت ڪئي ته کاتن کي نون اعلانن کان آڳ جاري منصوبن جي …
منظور ٿيل منصوبا وقت سر مڪمل ڪري معيار جي پيروي ۽ تيز رفتار عملداريءَ کي يقيني بڻايو وڃي: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني لاڳاپيل کاتن کي سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ته منظور ٿيل منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ، معيار جي سخت پيروي ۽ منصوبن جي تيز رفتار عملداري کي يقيني بڻايو وڃي.ڪجهه منصوبن ۾ دير ۽ لاڳت ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي وڏي وزير هدايت ڪئي ته کاتن کي نون اعلانن کان آڳ جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۽ افاديت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ان ۾ غفلت، ناقص معيار يا ڪمزور نگراني ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙيون هدايتون هن وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون ۽ اجلاس ۾ صوبي اندر ترقياتي منصوبن جي مجموعي اڳڀرائي جو جائزو ورتو.اجلاس ۾ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ نجم شاهه ترقياتي ڪارڪردگي، جاري فليگ شپ منصوبن ۽ ادارياتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. صوبي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ترقياتي بجيٽ نمايان طور تي 09-2008ع ۾ 55 ارب رپين کان 2025-26 ۾ 1,018 ارب رپين تائين وڌي ويو آهي جنهن مان 367 ارب رپيا فارن پروجيڪٽ اسسٽنس تحت ۽ 76 ارب رپيا وفاقي پي ايس ڊي پي تحت شامل آهن. هن عرصي دوران 13,000 کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا جن مان 9,193 منصوبا رستن ، آبپاشي، واش، تعليم، صحت، زراعت ۽ سماجي شعبن ۾ مڪمل ڪيا ويا. ڪجهه منصوبن ۾ دير ۽ لاڳت ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي وڏي وزير هدايت ڪئي ته کاتن کي نون اعلانن کان اڳ مڪمل ڪرڻ ۽ افاديت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ غفلت، ناقص معيار يا ڪمزور نگراني برداشت نه ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته عوامي پيسو زمين تي واضح نتيجن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. هر منصوبو وقت، معيار ۽ سروس ڊليوري جا هدف پورا ڪري ۽ کاتن کي داخلي احتساب ۽ مانيٽرنگ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڏني. وڏي وزير کي سنڌ فلڊ ايمرجنسي ري هبيليٽيشن پروجيڪٽ تحت وڏن ٻوڏ کان پوءِ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ 141 ٻوڏ متاثر ٿيل رستن جي بحالي (825 ڪلوميٽر)، پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال وارن 500 منصوبن جي بحالي ۽ 139,000 کان وڌيڪ خاندانن لاءِ ڪيشن فار ورڪ پروگرامز جي مڪمل ٿيڻ شامل آهي. هن هدايت ڏني ته "بلڊ بئڪ بيٽر” تحت موسمياتي مزاحمتي معيار تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. شهري شعبن ۾ قدمن جو جائزو وٺندي اجلاس ۾ ڪراچي نيبر هڊ امپروومينٽ پروجيڪٽ بابت ٻڌايو ويو جنهن تحت روڊن، پارڪ، نيڪال، عوامي جڳهيون ۽ اسٽريٽ لائيٽنگ اپ گريڊ ڪيون ويون جنهن سان ٽرانسپورٽ، حفاظت ۽ شهري زندگي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي. وڏي وزير چيو ته اهڙا پاڙي جي سطح جا منصوبا ٻين شهري مرڪزن ۾ به ڪارڪردگي ۽ اثرن جي بنياد تي وڌايا وڃن. سنڌ ميونسپل سروسز ڊليوري پروگرامن جو پڻ جائزو ورتو ويو جنهن ۾ جيڪب آباد ۾ پاڻي جي فراهمي، ويسٽ واٽر مينيجمينٽ ۽ گندڪچري جي انتظام ۾ بهتري بابت بريفنگ ڏني وئي. مراد علي شاهه مقامي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته منصوبن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اثاثن جي پائيداري ۽ مناسب آپريشن ۽ مينٽيننس يقيني بڻائن. پلاننگ اينڊ ڊپارٽمينٽ پاران ڊجيٽائيزيشن، آن لائن اپروول، جي پي ايس ٽريڪنگ، ڪيو آر ڪوڊز ۽ ٿرڊ پارٽي مانيٽرنگ متعارف ڪرائڻ جي تعريف ڪئي وئي، پر وزيراعليٰ زور ڀريو ته ٽيڪنالاجي جو مقصد صرف رپورٽنگ نه پر حقيقي وقت ۾ فيصلا سازي ۽ سڌارا جاتي قدم کڻڻ هجڻ گهرجي. شهري ماسٽر پلاننگ جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي هدايت ڪئي وئي ته نوٽيفاءِڊ ماسٽر پلانز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ته جيئن غير منصوبابند ترقي تي ڪنٽرول ٿئي، عوامي زمين جي حفاظت ٿئي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جي رهنمائي ٿئي. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير واضح هدايت ڪئي ته سڀئي کاتا منظور ٿيل ٽائم لائينن ۽ لاڳت جي حد تي عمل ڪن ۽ جاري منصوبن کي مڪمل ڪيو وڃي ان کان اڳ جو نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن ۽ معيار جي ڪنٽرول ۽ ٿرڊ پارٽي جي تصديق مضبوط ڪئي وڃي ۽ ٽماهي اڳڀرائي رپورٽون ذاتي جائزي لاءِ جمع ڪرايون وڃن. وڏي وزير چيو مان ٽال مٽول وارا حربا قبول نه ڪندس ترقي جو مطلب عملداري آهي ۽ اسان کي عملداري ڪرڻي پوندي ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هر منصوبو سنڌ ۾ بهتر عوامي خدمتن، اقتصادي سرگرمين ۽ پائيداري ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري.اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، ناصر شاهه، ڄام خان شورو، ضياءُ الحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪميشنر ڪراچي حسن نقوي، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڊي جي پي اينڊ ڊي الطاف ساريو ۽ ٻيا شامل هئا.











