سنڌ حڪومت جمھوري قدرن تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ صوبي ۾ فري موومينٽ جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جمھوري قدرن تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ صوبي ۾ فري موومينٽ جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي، خيبرپختوخواھ جي وڏي وزير جي سنڌ آمد تي سنڌ حڪومت طرفان کيس خوش آمديد چيو ويندو ۽ کيس صوبي ۾ سياسي ۽ سرڪاري سرگرميون انجام ڏيڻ …

ڪراچي-09 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ حڪومت جمھوري قدرن تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ صوبي ۾ فري موومينٽ جي پاليسي تي عمل ڪري رھي آھي، خيبرپختوخواھ جي وڏي وزير جي سنڌ آمد تي سنڌ حڪومت طرفان کيس خوش آمديد چيو ويندو ۽ کيس صوبي ۾ سياسي ۽ سرڪاري سرگرميون انجام ڏيڻ جي مڪمل آزادي ھوندي. پنھنجي هڪ بيان ۽ نجي ميڊيا سان ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ خيبرپختوخواھ جي وڏي وزيرکي مڪمل سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو، کيس خوش آمديد چوڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو نمائندو به ايئرپورٽ تي موجود ھوندو. ھن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت جو موقف آھي ته ڪي پي جو وڏو وزير پنھنجي دوري جي پروگرام بابت آگاھ ڪري ته جيئن کيس ڪنھن جلسي يا تقريب جي لاءِ ميدان گھربل ھُجي تھ حڪومت سنڌ اھو به ڏيندي، ان ڳالهھ کي بھ يقيني بڻايو ويندو ته ڪابه سرگرمي قانون جي خلاف ورزي يا عوام جي لاءِ تڪليف جو سبب نه بڻجي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ حڪومت قانون جي دائري ۾ رھندي ھر جوڳي سھولت ڏيڻ لاءِ تيار آھي، ھن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ نظرياتي ۽ سياسي اختلاف پنھنجي جاءِ تي موجود آھن، جمھوري معاشرن ۾ اختلاف راءِ ۽ تنقيد کي برداشت ڪيو ويندو آھي، جيڪڏھن پي ٽي آءِ تنقيد ڪندي ته کيس اُن جو حق آھي ۽ پيپلز پارٽي به سياسي انداز ۾ ان جو جواب ڏيڻ جو حق رکي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خان جي حڪومتي دور ۾ صورتحال مختلف ھُئي، جڏھن ڪنھن ٽاڪ شو ۾ خان تي تنقيد ڪئي ويندي ھُئي ته ٻئي ڏينھن نيب جا نوٽيس ۽ گرفتاريون سامھون اينديون ھُيون، سنڌ ۾ اھڙو طرز عمل اختيار نه ڪيو ويندو ۽ تنقيد کي سياسي اخلاقيات جي دائري ۾ رھندي برداشت ڪيو ويندو. ھن ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حوالي سان پي ٽي آءِ باني جي موقف تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جو طالبان جي حق ۾ موقف ڪنھن کان بھ ڳجھو ناھي، عمران خان طالبان جون آفيسون کولڻ جي ڳالهھ ڪئي، ھي اھي ئي دھشتگرد آھن، جن پاڪستان ۾ ڪنھن کي به بخش نه ڪيو، اسڪولن ۾ معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو، مسجدن، امام بارگاھن، مختلف مڪتبه فڪر ۽ سياستدانن تي حملا ڪيا ۽ ملڪ خلاف ھر قسم جي دھشتگردي ڪئي. هن چيو تھ اھڙن ڌرين کي سختي سان منھن ڏيڻ جي ضرورت آھي، پر پي ٽي آءِ جو اُنھن لاءِ سدائين نرم رويو رھيو آھي، جنھن تي پيپلز پارٽي کي سخت اختلاف ھو. ھن چيو تھ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري اُن ڏس ۾ خان کي ”طالبان خان“ ڪوٺيندو آھي، ڇاڪاڻ ته خان جون پاليسيون سدائين انتھاپسندن جي حق ۾ رھيون آھن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته طالبان جھڙيون ئي دھشتگرد ڌريون خيبر پختونخواھ ۾ معصوم شھرين جون حياتيون کسيندا رھيا آھن ۽ اڄ بھ اُتي صورتحال ڳڻتي جوڳي آھي. ھن چيو تھ صوبي ۾ سج لهڻ کانپوءِ ٿاڻا بند ٿي ويندا آھن ۽ ھڪ اڻ اعلانيل ڪرفيو واري ڪيفيت نظر ايندي آھي. هن چيو ته خيبر پختونخواھ حڪومت جي ذميواري آھي ته اُھا عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ اُنھن جي سھولتڪار نه ٿئي جيڪي عوام جي لاءِ عذاب بڻيل آھن.