ايٽمي هٿيارن جي خاتمي بابت مشاورت ۾ چين جي شرڪت بابت آمريڪي مطالبا غير معقول ۽ حقيقت کان پري آهن: چين جو سفارتڪار

واشنگٽن-09 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته ايٽمي هٿيارن جي خاتمي بابت مشاورت ۾ چين جي شرڪت بابت آمريڪي مطالبا غير معقول ۽ حقيقت کان پري آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ چين جي سفارتخاني جي ترجمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تبصري تي ردعمل ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل رپورٽن کي نوٽ ڪيو آهي. ايٽمي هٿيارن جي سڀني کان وڏي ذخيري جي مالڪ کي ايٽمي هٿيارن جي …

واشنگٽن-09 جنوري (اي پي پي) چين چيو آهي ته ايٽمي هٿيارن جي خاتمي بابت مشاورت ۾ چين جي شرڪت بابت آمريڪي مطالبا غير معقول ۽ حقيقت کان پري آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ چين جي سفارتخاني جي ترجمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تبصري تي ردعمل ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل رپورٽن کي نوٽ ڪيو آهي. ايٽمي هٿيارن جي سڀني کان وڏي ذخيري جي مالڪ کي ايٽمي هٿيارن جي خاتمي لاءِ پنهنجي خاص ۽ بنيادي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، ان کي پنهنجي ايٽمي هٿيارن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي ۽ ايٽمي هٿيارن جي مڪمل خاتمي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ حالتون پيدا ڪرڻ گهرجن. چين جي سفارتڪار وڌيڪ چيو ته چين جي ايٽمي طاقت ڪنهن به طرح آمريڪا جي ايٽمي طاقت برابر ناهي. اسانجي ايٽمي پاليسي ۽ سلامتي جو ماحول به بلڪل مختلف آهي. چيني سفارتڪار ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ايٽمي هٿيارن جو استعمال اڳ ۾ نه ڪرڻ جي پاليسي ۽ دفاعي ايٽمي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي. چين هميشه پنهنجي ايٽمي طاقت کي قومي سلامتي لاءِ گهرجن کان گهٽ سطح تي رکي ٿو ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان به هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ناهي ٿيندو. چين جي ايٽمي طاقت ۽ ايٽمي پاليسي امن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ان کان اڳ آمريڪا طرفان اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته چين کي ايٽمي هٿيارن جي ڪنٽرول جي امڪاني مستقبل جي معاهدن ۾ روس ۽ آمريڪا سان شامل نه ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں