تهران-09 جنوري (اي پي پي)ايران ۾ ملڪي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي تي حڪومت مخالف مظاهرا سڄي ملڪ ۾ پکڙجي رهيا آهن ۽ انهن مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙن گادي واري شهر تهران ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي حوالي سان ٻڌايو ته حڪومت مخالف مظاهرا ملڪ جي سمورن 31 صوبن جي 100 کان وڌيڪ شهرن …
ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرا جاري، ڪيترين ئي عمارتن کي باهيون

مزید خبریں
تهران-09 جنوري (اي پي پي)ايران ۾ ملڪي ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي تي حڪومت مخالف مظاهرا سڄي ملڪ ۾ پکڙجي رهيا آهن ۽ انهن مظاهرن ۾ شرڪت ڪندڙن گادي واري شهر تهران ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي حوالي سان ٻڌايو ته حڪومت مخالف مظاهرا ملڪ جي سمورن 31 صوبن جي 100 کان وڌيڪ شهرن ۽ علائقن تائين پکڙجي چڪا آهن. ايران جي گادي واري شهر تهران ۽ ٻين شهرن ۾ هزارين ماڻهو احتجاجي مظاهرن ۾ شامل ٿي ويا آهن. ايران جي ٻي وڏي شهر مشهد ۾ ٿيندڙ انهن مظاهرن ۾ شامل ماڻهن کي سيڪيورٽي فورسز ڇڙوڇڙ ناهي ڪيو. ايران ۾ جاري مظاهرن سبب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ انٽرنيٽ جي بندش جا به اطلاع آهن جنهن جي تصديق هڪ مانيٽرنگ گروپ به ڪئي آهي. مظاهرو ڪندڙن سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي خلاف نعرا ۽ اڳوڻي شاهه جي جلاوطن پٽ رضا پهلوي جي واپسي جو مطالبو ڪيو. ناروي ۾ قائم هيومن رائيٽس چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 45 مظاهرو ڪندڙ جن ۾ 8 ٻار به شامل آهن، مارجي ويا آهن. اصفهان ۾ ايراني براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي عمارت کي باهه لڳائڻ جا به اطلاع آهن. مختلف شهرن ۾ مظاهرو ڪندڙن سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا ۽ حڪومتي فورسز ۽ پوليس جي گاڏين ۽ بيرڪس کي باهه ڏئي ڇڏي.











