امن معاهدي جي صورت ۾ يوڪرين جي فوجي مدد ۾ آمريڪا جو ڪردار ثانوي هوندو: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن – 09 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امن معاهدي جي صورت ۾ يوڪرين کي فوجي مدد ۾ آمريڪا جو ثانوي ڪردار هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين بابت امن  معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ مستقبل ۾ ڪنهن امڪاني حملي جي صورت ۾ فوجي سهڪار جي شق شامل هجي ته آمريڪا ان عمل ۾ ثانوي ڪردار …

واشنگٽن – 09 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امن معاهدي جي صورت ۾ يوڪرين کي فوجي مدد ۾ آمريڪا جو ثانوي ڪردار هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين بابت امن  معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ مستقبل ۾ ڪنهن امڪاني حملي جي صورت ۾ فوجي سهڪار جي شق شامل هجي ته آمريڪا ان عمل ۾ ثانوي ڪردار ادا ڪندو. صدر مطابق يوڪرين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي بنيادي ذميواري يورپي اتحادين ۽ ٻين شراڪتدار ملڪن تي لاڳو ٿيندي، جڏهن  آمريڪا معاون ڪردار تائين محدود رهندو. هن چيو ته ان ۾ يوڪرين جا اتحادي، سمورو يورپ ۽ ٻيا ملڪ شامل هوندا. آمريڪي صدر ان اعتماد جو اظهار به ڪيو ته روس مستقبل ۾ يوڪرين تي ٻيهر حملو نه ڪندو. هن موجب آمريڪا يوڪرين جي سيڪيورٽي لاءِ سهڪار تي راضي آهي، پر ان جو ڪردار مرڪزي نه هوندو. اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن يوڪرين جنگ جي مستقبل ۽ امڪاني امن ڳالهين بابت عالمي سطح تي بحث جاري آهي.

مزید خبریں