دمشق – 09 جنوري (اي پي پي) شام حلب ۾ شهرين کي محفوظ علائقن تائين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 2 انساني راهداريون ٻيهر کولي ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شام جي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته حلب شهر ۾ شهرين کي محفوظ علائقن تائين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻه انساني راهداريون ٻيهر کوليون ويون آهن. حلب صوبي جاري هڪ پريس بيان ۾ چيو ته صوبائي اختيارين مطابق کين انهن خاندانن جون اپيلون مليون …
شام حلب ۾ شهرين کي محفوظ علائقن تائين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻه انساني راهداريون ٻيهر کولي ڇڏيون

مزید خبریں
دمشق – 09 جنوري (اي پي پي) شام حلب ۾ شهرين کي محفوظ علائقن تائين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 2 انساني راهداريون ٻيهر کولي ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شام جي اختيارين اعلان ڪيو آهي ته حلب شهر ۾ شهرين کي محفوظ علائقن تائين ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻه انساني راهداريون ٻيهر کوليون ويون آهن. حلب صوبي جاري هڪ پريس بيان ۾ چيو ته صوبائي اختيارين مطابق کين انهن خاندانن جون اپيلون مليون آهن جيڪي شيخ مقصود ۽ الاشرفيه جي علائقن وچ ۾ گهيريل آهن، ڇو جو گذريل ڏينهن سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز (ايس ڊي ايف) ڪيترن ئي شهرين کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ کين پنهنجين ڪارروائين لاءِ انساني ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شيخ مقصود ۽ الاشرفيه جا شهري جيڪي ٻاهر نڪرڻ چاهين ٿا، کين محفوط علائقن طرف وڃڻ لاءِ ٻه مشهور رستا (العوراض ۽ شارع الزهور) کوليا ويندا. اهو عمل صبح 10 وڳي کان منجهند هڪ وڳي تائين جاري رهندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي عرب فوج سان هم آهنگي بعد شهرين کي محفوظ علائقن تائين ڪڍڻ لاءِ ٻه انساني راهداريون ٻيهر کولڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي.











