اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 ھزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 ھزار 200 رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 17 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 ھزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 9 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 5 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 ھزار 200 رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1492.00 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.747 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1200.10 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.256 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 640.90 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.041 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











