واشنگٽن-08 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي اهم ماحولياتي معاهدي ۽ ڪيترين ئي عالمي تنظيمن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينهن هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪيون جنهن تحت واشنگٽن 66 عالمي تنظيمن، ڪنوينشنز ۽ معاهدن کان ڌار ٿي ويندو. وائيٽ هائوس مطابق انهن ادارن ۾ مسلسل شامل رهڻ کي ملڪ جي مفادن جي ابتڙ قرار ڏنو …
آمريڪي صدر پاران گڏيل قومن جي اهم ماحولياتي معاهدي ۽ ڪيترين ئي عالمي تنظيمن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن-08 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي اهم ماحولياتي معاهدي ۽ ڪيترين ئي عالمي تنظيمن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر گذريل ڏينهن هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحيون ڪيون جنهن تحت واشنگٽن 66 عالمي تنظيمن، ڪنوينشنز ۽ معاهدن کان ڌار ٿي ويندو. وائيٽ هائوس مطابق انهن ادارن ۾ مسلسل شامل رهڻ کي ملڪ جي مفادن جي ابتڙ قرار ڏنو ويو آهي. انهن ادارن ۾ گڏيل قومن سان لاڳاپيل 31 ادارا ۽ ٻيا 35 ادارا شامل آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ويب سائيٽ تي آمريڪي صدر جي ان فيصلي جي حوالي سان چيو ويو آهي ته آمريڪا جن 66 عالمي تنظيمن، ڪنوينشنز ۽ معاهدن کان ڌار ٿي رهيو آهي اهي ملڪ لاءِ غير موثر، فضول ۽ نقصان ده هئا. ٽرمپ انتظاميا مطابق اهي ادارا پنهنجن حدن ۾ غير ضروري، ناقص انتظام، فضول خرچي ۽ ڪمزور ڪارڪردگي وارا هئا. وائيٽ هائوس اعلان ڪيو آهي ته اهي قدم انتظاميا جي فرسٽ پاليسي تحت کنيا ويا آهن.











