آمريڪي صدر طرفان فوجي بجيٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌ جو مطالبو

واشنگٽن-08 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي فوجي بجيٽ کي 50 سيڪڙو اضافي سان 1.5 کرب ڊالرز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ملڪ کي انتهائي ڏکيون ۽ خطرناڪ حالتون درپيش آهن، ان ڪري دفاعي خرچن کي 2027ع تائين 1.5 کرب ڊالرن تائين ڪيو وڃي. اها بجيٽ موجوده 901 ارب ڊالرن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ هوندي، جنهن جي آمريڪي ڪانگريس گذريل سال …

واشنگٽن-08 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي فوجي بجيٽ کي 50 سيڪڙو اضافي سان 1.5 کرب ڊالرز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ملڪ کي انتهائي ڏکيون ۽ خطرناڪ حالتون درپيش آهن، ان ڪري دفاعي خرچن کي 2027ع تائين 1.5 کرب ڊالرن تائين ڪيو وڃي. اها بجيٽ موجوده 901 ارب ڊالرن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ هوندي، جنهن جي آمريڪي ڪانگريس گذريل سال ڊسمبر ۾ منظوري ڏني هئي. آمريڪي صدر جو موقف آهي ته اهو اضافو آمريڪا کي ڊريم ملٽري بڻائڻ جو موقعو ڏيندو جيڪو ملڪ کي هر دشمن جي مقابلي ۾ محفوظ رکندو. صدر ٽرمپ خبردار ڪيو ته دفاعي ڪمپنين جي سربراهن ۽ شيئر هولڊرز کي ڪيل وڏين ادائيگين جي سخت نگراني به ڪئي ويندي ته ڇا اهي ڪمپنيون هٿيارن جي فراهمي تيز ڪرڻ لاءِ پنهنجن واعدن تي پورو لهي رهيون آهن ۽ ڇا اهي ان ڪم لاءِ نوان ڪارخانا قائم ڪري رهيون آهن يا نه. صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان دفاعي خرچن ۾ نمايان اضافو ڪرڻ جي تجويز اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن سڄي دنيا ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.

مزید خبریں