آمريڪا ۾ اميگريشن اهلڪار جي فائرنگ، 37 ورهين جي عورت فوت، واقعي تي مقامي ماڻهن جو احتجاج

مينيسوٽا-08 جنوري (اي پي پي) آمريڪي رياست مينيسوٽا جي شهر منياپولس ۾ اميگريشن اهلڪار 37 سالن جي عورت کي سندس گاڏي ۾ فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، مقامي ۽ وفاقي اختيارين مطابق اهو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون دوران تشدد جو تازو واقعو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق منياپولس جي ميئر جيڪب فري ٽرمپ انتظاميا جي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو آهي ته ايجنٽ فائرنگ پنهنجي …

مينيسوٽا-08 جنوري (اي پي پي) آمريڪي رياست مينيسوٽا جي شهر منياپولس ۾ اميگريشن اهلڪار 37 سالن جي عورت کي سندس گاڏي ۾ فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو، مقامي ۽ وفاقي اختيارين مطابق اهو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پرڏيهين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون دوران تشدد جو تازو واقعو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق منياپولس جي ميئر جيڪب فري ٽرمپ انتظاميا جي ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪيو آهي ته ايجنٽ فائرنگ پنهنجي دفاع ۾ ڪئي. هن چيو ته هن پاڻ فائرنگ جي ويڊيو ڏٺي آهي جيڪا حڪومت جي بيان جي بلڪل ابتڙ آهي، هن ان کي گمراهه ڪن بيان قرار ڏنو آهي. فائرنگ بعد واقعي واري هنڌ ويجهو ماڻهو احتجاج لاءِ روڊن تي نڪري آيا. اڪثر مظاهرو ڪندڙن کي وڏن هٿيارن سان ليس وفاقي اهلڪارن کي منهن ڏيڻو پيو. گهرو کاتي جي سيڪيورٽي ترجمان سوشل ميڊيا تي چيو ته هڪ وفاقي اميگريشن آفيسر ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن هڪ پرتشدد هنگامو ڪندڙ عورت اهلڪار کي گاڏي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن لکيو ته مبينا حملو ڪندڙ کي گولي لڳي ۽ فوت ٿي وئي.

مزید خبریں