سعودي عرب ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي واشنگٽن ۾ ملاقات، خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

واشنگٽن-08 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ملاقات ۾ خطي جي تازي صورتحال، سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آمريڪا …

واشنگٽن-08 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو سان واشنگٽن ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ملاقات ۾ خطي جي تازي صورتحال، سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر ۽ پرڏيهي وزير جو صلاحڪار محمد اليحيٰ به موجود هو.  ان کان اڳ  سعودي پرڏيهي وزير واشنگٽن ۾ آمريڪي نمائندن واري ايوان جي هائوس فارن افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين برائن ماسٽ، نائب چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن تحت انهن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ ان جي حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ياد رهي ته سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان اربع تي آمريڪا جي سرڪاري دوري تي واشنگٽن پهتو هو.

مزید خبریں