صنعا-08 جنوري (اي پي پي) يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل عدن جي گورنر احمد لملس کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يمني صدارتي قيادت ڪائونسل گذريل ڏينهن عبدالرحمان شيخ عبدالرحمان اليافعي کي مملڪتي وزير ۽ عدن جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو. صدارتي ڪائونسل جي رڪن ڪمانڊر عبدالرحمان المحرمي جي هدايت تي باضابط حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت عدن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو …
يمن جي صدارتي ڪائونسل عدن جي گورنر کي برطرف ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
صنعا-08 جنوري (اي پي پي) يمن جي صدارتي قيادت ڪائونسل عدن جي گورنر احمد لملس کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق يمني صدارتي قيادت ڪائونسل گذريل ڏينهن عبدالرحمان شيخ عبدالرحمان اليافعي کي مملڪتي وزير ۽ عدن جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو. صدارتي ڪائونسل جي رڪن ڪمانڊر عبدالرحمان المحرمي جي هدايت تي باضابط حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت عدن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. شهر جي سمورن فوجي ۽ سيڪيورٽي يونٽس کي موڪليل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪرفيو رات 9 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين لاڳو رهندو جنهن جو مقصد سيڪيورٽي قدمن کي مضبوط بڻائڻ ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي. حڪم نامي ۾ هنگامي حالتن، سيڪيورٽي ۽ فوجي اختيارين ۽ طبي ۽ خدماتي ٽيمن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي. پر اهو شرط لاڳو ڪيو ويو آهي انهن وٽ اچ وڃ لاءِ سرڪاري اجازت نامو هجي. لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو فوري طور تي ان تي عمل شروع ڪن. عدن جي ڊپٽي گورنر عدنان الڪاف يقين ڏياريو ته شهر جي سيڪيورٽي صورتحال مستحڪم آهي ۽ شهري سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن جي حفاطت ۾ سهڪار ڪن.











