اسرائيل والاريل اولهه ڪناري ۾ فلسطينين تي مڙهيل نسل پرستي تي ٻڌل نظام ختم ڪري: گڏيل قومون

 گڏيل قومون -08 جنوري(اي پي پي)گڏيل قومن والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين سان جاري اڻبرابري جي سلوڪ ۽ نسل پرستي تي ٻڌل نظام جاري رکڻ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين تي مڙهيل نسل پرستي تي ٻڌل نظام ختم ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب  اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس پاران جاري ڪيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي. رپورٽ ۾ چيو …

 گڏيل قومون -08 جنوري(اي پي پي)گڏيل قومن والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطينين سان جاري اڻبرابري جي سلوڪ ۽ نسل پرستي تي ٻڌل نظام جاري رکڻ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطينين تي مڙهيل نسل پرستي تي ٻڌل نظام ختم ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب  اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس پاران جاري ڪيل تازي رپورٽ ۾ ٻڌائي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل والاريل فلسطيني علائقن ۾ فلسطينين خلاف هڪ منظم اڻبرابري جو سلوڪ جاري رکيو آهي جيڪو تازو وڌيڪ سنگين ٿي ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس جي سربراهه وولڪر ترڪ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اولهه ڪناري ۾ فلسطينين جي حقن کي منظم طريقي سان روڪيو پيو وڃي. هن چيو ته  روز مره جي معاملن ۾ به فلسطينين لاءِ زندگي اڻبرابري جي قانون، پاليسين ۽ مختلف طريقن سان تنگ ڪئي وئي آهي. ڪنهن به فلسطيني کي چانهن يا پاڻي تائين رسائي حاصل ڪرڻي هجي، اسڪول يا اسپتال تائين وڃڻو هجي، انهن سڀني معاملن ۾ فلسطينين کي شديد نسلي اڻبرابري جا مسئلا درپيش آهن. اهو نسلي رويو انهن پنج لک يهودي آبادڪارن پاران جاري رکيو پيو وڃي جيڪي اولهه ڪناري ۾ ٻين ملڪن مان آباد ڪيا ويا آهن. گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي دوران جڏهن اسرائيل غزه ۾ جنگ شروع ڪئي هئي اولهه ڪناري ۾ فلسطينين لاءِ زندگي گذارڻ مشڪل ٿي وئي آهي. اسرائيلي فوج ۽ يهودي آبادڪارن ان عرصي ۾ هڪ هزار کان به وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي. سوين فلسطيني زخمي ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن جڏهن ته سوين گهر ۽ ملڪيتون ڊاهيون ويون آهن. غزه ۾ جڏهن کان اسرائيل جنگ شروع ڪئي آهي،  فلسطيني شهرين کي اولهه ڪناري ۾ به هڪ لڳاتار سزا ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. غير قانوني طاقت جو استعمال وڌايو ويو آهي . فلسطينين کي جيلن ۾ بند ڪرڻ ۽ تشدد جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن . گڏيل قومن پنهنجي رپورٽ ۾ انهن سڀني حوالن سان تفصيل پيش ڪيا آهن. معاشري ۾ ڏاڍ وڌي چڪو آهي. فلسطينين خلاف پابنديون لاڳو آهن جڏهن ته ميڊيا به آزادي سان اولهه ڪناري ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي. انساني حقن جي خلاف ورزين جو معاملو تمام گهڻو خراب آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اولهه ڪناري ۾ تمام تيزي سان غير قانوني يهودي وسنديون آباد ٿي رهيون آهن. عالمي قانون موجب انهن وسندين کي آباد ڪرڻ ناجائز آهي. فلسطينين جي فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي .هزارين فلسطيني جيلن ۾ بغير ڪيس جي انتظامي نظر بندي سبب بند ڪيا ويا  آهن . ان بابت ٺوس دليل موجود آهن ته ماڻهن جي ويڇن ۽ انهن کي محڪوم بڻائڻ جي تسلسل سان پاليسي جاري آهي ته جيئن فلسطينين تي ڏاڍ ۽ اسرائيلي ڏاڍ قائم ڪري سگهجي. اهو عالمي قانون ۽ نسل پرستي خلاف  عالمي ڪنوينشنز جي کليل خلاف ورزي آهي جيڪا نسلي بنيادن تي ماڻهن کي الڳ ڪرڻ ۽ انهن سان اڻبرابري جو سلوڪ ڪرڻ کي روڪڻ آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس پاران تازي رپورٽ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسرائيل انهن غير قانوني ڪارروائين کي روڪڻ ۽ ناجائز آباد ڪيل وسندين جو خاتمو ڪري ۽ فلسطينين جي بنيادي حقن سميت حق خوداراديت جو احترام ڪري.

مزید خبریں