سيئول-08 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالاجي جي وڏي ڪمپني سام سنگ اليڪٽرانڪس جو ٽه ماهي منافعو 200 کرب وون جي رڪارڊ سطح تي پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سام سنگ اليڪٽرانڪس پنهنجي بيان ۾ چيو ته اميد آهي ته چوٿين ٽه ماهي ۾ ان جو آپريٽنگ منافعو رڪارڊ 200 کرب وون ( 13.8 ارب آمريڪي ڊالرن ) تائين پهچي ويندو. سام سنگ اليڪٽرانڪس دنيا …
سام سنگ اليڪٽرانڪس جو ٽه ماهي منافعو 200 کرب وون جي رڪارڊ سطح تي پهچڻ جي اڳڪٿي

مزید خبریں
سيئول-08 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالاجي جي وڏي ڪمپني سام سنگ اليڪٽرانڪس جو ٽه ماهي منافعو 200 کرب وون جي رڪارڊ سطح تي پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سام سنگ اليڪٽرانڪس پنهنجي بيان ۾ چيو ته اميد آهي ته چوٿين ٽه ماهي ۾ ان جو آپريٽنگ منافعو رڪارڊ 200 کرب وون ( 13.8 ارب آمريڪي ڊالرن ) تائين پهچي ويندو. سام سنگ اليڪٽرانڪس دنيا جي پهرين ميموري چپ تيار ڪندڙن ۾ شامل آهي جيڪا مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) ۽ ان سان جڙيل انفراسٽر ڪچر لاءِ نهايت اهم شيون فراهم ڪري ٿي. سام سنگ پاران اها مضبوط اڳڪتي ڊيٽا سينٽرز ۽ اي آءِ صنعت کي سهارو ڏيندڙ ٻين انفراسٽرڪچرز ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ پرفارمنس ميموري چپس جي وڌندڙ عالمي طلب سبب سامهون آئي آهي. ڪمپني موجب اميد آهي ته آپريٽنگ منافعو 198 کرب مان 201 کرب وون وچ ۾ رهندو جيڪو 2018ع جي ٽين ٽي ماهي ۾ قائم ٿيندڙ 176 کرب وون جي اڳوڻي رڪارڊ کان وڌيڪ هوندو. جيڪڏهن هن مهيني جي آخر ۾ جاري ٿيندڙ آمدني رپورٽ ۾ انگن اکرن جي تصديق ٿي ويندي ته اهو منافعو ساليانه بنياد تي 200 سيڪڙو اضافي کي ظاهر ڪندو. سام سنگ موجب وڪرو 920 کرب مان 940 کرب وون وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي جيڪو 2025 ع جي ٽين ٽه ماهي ۾ قائم ٿيندڙ 860 کرب وون جي رڪارڊ کي به ٽوڙي ڇڏيندي. سرڪاري انگن اکرن موجب اي آءِ سبب سيمي ڪنڊڪٽرز جي عالمي طلب ۾ اضافو سال 2025 ع ۾ ڏکڻ ڪوريا جي روانگي واپار کي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي ڇڏيو. ڏکڻ ڪوريا ۾ ايس ڪي هائنڪس به موجود آهي جيڪا عالمي سيمي ڪنڊڪٽرز مارڪيٽ ۾ هڪ ٻي وڏي ڪمپني آهي . سيمي ڪنڊڪٽرز جي مضبوط وڪري سبب سام سنگ اليڪٽرانڪس جا شيئرز گذريل 6 مهينن دوران 120 سيڪڙو کان به وڌي چڪا آهن جڏهن ته اهو ئي رجحان ٻين ڏکڻ ڪوريائي چپ ساز ڪمپنين ۾ به ڏٺو پيو وڃي . ڊائشن سيڪيورٽيز جي تجزيه ڪار چنگ هي چانگ جو چوڻ آهي ته اي آءِ صنعتي مرڪز هاڻي مرڪزي نگاهه بڻجي چڪي آهي جنهن سبب سيمي ڪنڊڪٽرز جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ چپ انڊسٽري هڪ نئين سپر سائيڪل ۾ داخل ٿي چڪي آهي.











