سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس رهائشگاهه ويو. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي وارثن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ميان منظور وٽو جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ مغفرت جي دعا ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ …

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس رهائشگاهه ويو. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي وارثن سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ميان منظور وٽو جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ مغفرت جي دعا ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو عظيم صدمو صبر، حوصلي ۽ استقامت سان برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏي. هن چيو ته ميان منظور وٽو جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پنجاب جي وڏي وزير طور ميان منظور وٽو جون خدمتون واکاڻ جوڳيون رهيون، صوبائي اسيمبلي ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان وسيع تجربو هئس جنهن جي ڪري هن عوامي مفادن ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ميان منظور وٽو هڪ مڃيل سياستدان ۽ عوامي حلقن ۾ مشهور اڳواڻ هو جن جون خدمتون پنجاب ۽ ملڪي سياست لاءِ يادگاري حيثيت رکن ٿيون. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں