اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت غيرت جي نالي تي انساني حياتين جي نقصان کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي، ويمنز پارليامينٽري ڪاڪس جي 6 آگسٽ جي قرارداد ان سلسلي ۾ هڪ فيصلائتو قدم آهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي طور ڳالهائيندي هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ عورتن خلاف تشدد جي وڌندڙ واقعن تي وزيراعظم …
غيرت جي نالي تي قتل ناسور آهي، ويمنز ڪاڪس جي قرارداد تي سختي سان عمل ڪرائينداسين: اختيار ولي خان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خيبر پختونخوا جي اطلاعات بابت ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت غيرت جي نالي تي انساني حياتين جي نقصان کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي، ويمنز پارليامينٽري ڪاڪس جي 6 آگسٽ جي قرارداد ان سلسلي ۾ هڪ فيصلائتو قدم آهي. ”اي پي پي“ سان خصوصي طور ڳالهائيندي هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ عورتن خلاف تشدد جي وڌندڙ واقعن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي شديد ڳڻتي آهي ۽ ان حوالي سان زيروٽالرنس پاليسي اپنائي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته قرارداد مطابق هڪ قومي ڊيٽا بيس جو قيام عمل ۾ آڻي رهيا آهيون جنهن سان خيبر پختونخوا جي ڏورانهن علائقن ۾ ٿيندڙ اهڙن ڏوهن جي مانيٽرنگ آسان ٿي ويندي. هن چيو ته غيرت جي نالي تي قتل کي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ گهريلو معاملو قرار ڏئي دٻائي نٿو سگهجي. پر رياست پاڻ اهڙن ڪيسن ۾ ڌر بڻجندي. اختيار ولي خان ان صورتحال تي روشني وجهندي چيو ته صوبي ۾ خطرن جو شڪار عورتن لاءِ محفوظ شيلٽرز ۽ هيلپ لائنز جو نيٽ ورڪ بهتر بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته مسلم ليگ(ن) جي پاليسي آهي ته مظلوم کي قانوني امداد سان گڏوگڏ مڪمل تحفظ به فراهم ڪيو وڃي.











