رياض-07 جنوري(اي پي پي)سعودي عرب جي ڪيپيٽل مارڪيٽ اٿارٽي چيو آهي ته پهرين فيبروري 2026ع کان عالمي سطح تي سمورا پرڏيهي هاڻي سعودي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اٿارٽي جي بورڊ ريگيوليٽري تبديلي جي منظوري ڏني آهي، سڄي دنيا جا سيڙپڪار سعودي مارڪيٽ ۾ سڌيءَ ريت سيڙپڪاري ڪري سگهندا. منظور ٿيل ترميم جو مقصد مين مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي اجازت وارن ماڻهن جي بنياد کي وڌائڻ آهي …
سعودي عرب جي اسٽاڪ مارڪيٽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا

مزید خبریں
رياض-07 جنوري(اي پي پي)سعودي عرب جي ڪيپيٽل مارڪيٽ اٿارٽي چيو آهي ته پهرين فيبروري 2026ع کان عالمي سطح تي سمورا پرڏيهي هاڻي سعودي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اٿارٽي جي بورڊ ريگيوليٽري تبديلي جي منظوري ڏني آهي، سڄي دنيا جا سيڙپڪار سعودي مارڪيٽ ۾ سڌيءَ ريت سيڙپڪاري ڪري سگهندا. منظور ٿيل ترميم جو مقصد مين مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي اجازت وارن ماڻهن جي بنياد کي وڌائڻ آهي ان سان سيڙپڪاري کي هٿي ملندي ۽ مارڪيٽ جي لڪيوڊٽي ۾ اضافو ٿيندو. رپورٽ موجب گذريل سال 2025ع جي ٽئين 03 ماهي تائين اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ عالمي سيڙپڪارن پاران 590 ارب ريال تائين سيڙپ ڪيا ويا. خيال رهي ته مالياتي مرڪزي مارڪيٽ اٿارٽي جولاءِ 2025ع ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو. ان حوالي سان مختلف حوالن سان سيڙپڪاري ۾ نار وارن ملڪن ۾ رهندڙ يا اهڙا پرڏيهي جيڪي ماضي ۾ سعودي عرب ۾ هيا انهن کي اجازت ڏني وئي هئي ته اهي سعودي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪن جيڪا اڄ جي فيصلي جي شروعاتي ڪڙي هئي.











