واشنگٽن -07 جنوري(اي پي پي)آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مالي ضمانت جمع ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ وڌيڪ 07 ملڪن جو اضافو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان نئين اڳڀرائي کانپوءِ هاڻي انهن ملڪن جي شهرين کي آمريڪي ويزا جي درخواست ڏيڻ لاءِ 15 هزار ڊالرن تائين جا پرائيز بانڊ جمع ڪرائڻا پوندا. ٽرمپ انتطاميه جي ان تازي فيصلي ۾ جن نون ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ …
آمريڪي ويزا هاڻي 15 هزار ڊالرن جي ضمانت بنا ناممڪن، فهرست ۾ وڌيڪ ملڪ شامل

مزید خبریں
واشنگٽن -07 جنوري(اي پي پي)آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مالي ضمانت جمع ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ وڌيڪ 07 ملڪن جو اضافو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان نئين اڳڀرائي کانپوءِ هاڻي انهن ملڪن جي شهرين کي آمريڪي ويزا جي درخواست ڏيڻ لاءِ 15 هزار ڊالرن تائين جا پرائيز بانڊ جمع ڪرائڻا پوندا. ٽرمپ انتطاميه جي ان تازي فيصلي ۾ جن نون ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ڀوٽان، بوٽسوانا، وچ آفريقي جمهوريه، گني، گني بسائو، نميبيا ۽ ترڪمانستان شامل آهن. انهن تازي اضافي کانپوءِ هاڻي ان فهرست ۾ شامل ملڪن جو انگ 13 ٿي ويو آهي جن ۾ اڪثريت جو تعلق آفريقا سان آهي. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل نوٽيس موجب نئين پابندين جو اعلان پهرين جنوري کان ٿي چڪو آهي. تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پنج هزار کان 15 هزار ڊالرن تائين جي اها ضمانتي رقم اڪثر درخواست گذارن جي پهنچ کان ٻاهر آهي جنهن سبب هاڻي عام شهرين لاءِ آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو. اهو قدم ٽرمپ انتظاميه جي انهن ڪوششن جو تسلسل آهي جنهن جو مقصد آمريڪا ۾ داخلا جي قانون کي وڌيڪ سخت بنائڻ آهي.











