رام الله-07 جنوري (اي پي پي)اسرائيلي قابض حڪومت اولهه ڪناري جي رهائشي فلسطينين لاءِ 4 - جي موبائل سروسز جي منظوري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان اسرائيل جي مواصلات واري وزارت پاران سامهون آيو آهي. مواصلات واري وزارت موجب اها اجازت فلسطيني موبائل ڪمپنين جوال ۽ اريدو جي هڪ سوئيڊش انفراسٽرڪچر فرم ايريڪسن وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي کان پوءِ گذريل ڏينهن ڏني وئي آهي. …
اسرائيلي قابض حڪومت پاران اولهه ڪناري جي رهائشي فلسطينين لاءِ 4 – جي موبائل سروسز جي منطوري ڏيڻ جو اعلان

مزید خبریں
رام الله-07 جنوري (اي پي پي)اسرائيلي قابض حڪومت اولهه ڪناري جي رهائشي فلسطينين لاءِ 4 – جي موبائل سروسز جي منظوري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان اسرائيل جي مواصلات واري وزارت پاران سامهون آيو آهي. مواصلات واري وزارت موجب اها اجازت فلسطيني موبائل ڪمپنين جوال ۽ اريدو جي هڪ سوئيڊش انفراسٽرڪچر فرم ايريڪسن وچ ۾ ٿيل تازي معاهدي کان پوءِ گذريل ڏينهن ڏني وئي آهي. موبائل سروس جون خدمتون ڏيندڙ ڪمپنيون سال 2018ع کان 3 – جي تائين جي سروس ڏيڻ شروع ڪئي وئي هئي جڏهن ته اولهه ڪناري ۾ استعمال هيٺ 3 – جي ۽ اسرائيلي رياست ۾ استعمال هيٺ موبائل سروسز وچ ۾ هڪجهڙائي ناهي. مواصلات واري وزارت ٻڌايو آهي ته سندس پاران ڏنل منظوري سال 2022 ع جي ان فريم ورڪ معاهدي موجب آهي جيڪا اسرائيلي رياست ۽ فلسطيني اٿارٽي وچ ۾ طئي ٿي هئي. شهرين کي 4 – جي ۽ 5 – جي ٽيڪنالاجي جو فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو جڏهن ته ان معاهدي تي عملدر آمد غزه ۾ جاري جنگ سبب ملتوي ٿي ويو هو.پرڏيهي ميڊيا جي ذريعن موجب والاريل اولهه ڪناري ۾ 3 – جي کان 4 -جي موبائل سروسز جي اپگريڊيشن لاءِ 6 مهينن تائين جو وقت لڳي سگهي ٿو. فلسطيني موبائل سروس پرووائيڊر جو اسرائيل جي ان موبائل سروس پرووائيڊر سان مقابلو آهي جيڪو 4 جي ۽ 5 جي ٻنهي طرح جي سروسز ڏئي رهيو آهي جيڪو 3 – جي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو تيز رفتار آهي. اسرائيل پنهنجي شهرين کي ميسر پراڻي سروسز 2 – جي ۽ -3 جي کي ختم ڪرڻ جي عمل مان گذري رهيو آهي ۽ پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي موبائل ڊيوائيسزکي 4 – جي ۽ 5- جي سان جوڙين جڏهن ته غزه ۾ هاڻي به 2 – جي سروس دستياب آهي.











